هنگو (ويب ڊيسڪ) هنگو جي علائقي دوآبا ۾ پوليس قافلي تي آءِ اي ڊي حملي ۾ ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا.
دوآبا ۾ پوليس قافلي کي ان وقت نشانو بڻايو ويو، جڏهن پوليس آفيسر سرچ آپريشن تان واپس اچي رهيا هئا.
پوليس موجب ڌماڪي ۾ دوآبا ٿاڻي جي ايس ايڇ او عمران الدين سميت زخمي اهلڪارن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.
واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي ۽ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.
You might also like