سنڌ طاس معاهدي جي معطلي پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي: عالمي رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

هڪ تازي عالمي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي (Indus Waters Treaty) کي معطل ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان پاڻي جي سنگين کوٽ کي منهن ڏئي سگهي ٿو.
سڊني ۾ قائم انسٽيٽيوٽ فار اڪنامڪس اينڊ پيس جي ”اڪولوجيڪل ٿريٽ رپورٽ 2025“ موجب ان فيصلي کانپوءِ ڀارت کي سنڌو درياهه ۽ ان جي اولهه ندين وارن وهڪرن تي ڪنٽرول حاصل ٿي ويو آهي، جيڪو سڌي ريت پاڪستان لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.
واضح رهي ته پاڪستان جي زراعت جو لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو دارومدار سنڌو درياهه جي نظام تي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب نئين دهلي ان معاهدي کي هلندڙ سال اپريل ۾ پهلگام حملي کانپوءِ جوابي قدم طور معطل ڪيو هو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معمولي رنڊڪون به پاڪستان جي زرعي نظام کي وڏو نقصان پهچائي سگهن ٿيون، ڇو⁠ ته ملڪ وٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي محدود صلاحيت آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ پاڪستان ۾ خوراڪ جي سلامتي ۽ قومي بقا لاءِ به سڌي ريت خطرو آهي، جيڪڏهن ڀارت واقعي درياهن جي وهڪرن کي گهٽائي يا بند ڪري ٿو ته پاڪستان جا سرسبز علائقا خاص طور خشڪ مندن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏيندا.
رپورٽ موجب مئي 2025 ۾ ڀارت چناب درياهه تي سلال ۽ بگليهار ڊيمن ۾ ”ريزروائر فلشنگ“ آپريشن ڪيو، جنهن بابت پاڪستان کي اڳواٽ اطلاع نه ڏنو ويو، ان عمل سبب ڪجهه ڏينهن تائين پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ درياهه تقريبن سڪي ويو هو.
ياد رهي ته پاڪستان ڀارت جي ان قدم تي سخت ردعمل ڏيندي چيو هو ته پاڻين جو رُخ موڙڻ جي ڪا به ڪوشش جنگي قدم تصور ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.