گھرن ۾ موجود مڇر نه رڳو ننڊ ۾ خلل وجهندا آهن پر صحت جي حوالي سان به مسئلا پيدا ڪندا آهن.
مڇرن کان ڇوٽڪاري لاءِ دڪانن تان مهانگا اسپري، ڪوائلز ۽ ٻيون ڪيميڪلز واريون شيون خريد ڪيون وينديون آهن پر پوءِ به مڇرن کان بچڻ ممڪن ناهي هوندو، جڏهن ته اهي ڪيميڪلز واريون شيون ڦڦڙن کي پڻ نقصان پهچائي سگهن ٿيون.
مڇر سنگين بيمارين جهڙوڪ مليريا ۽ ڊينگي بخار جو سبب بڻبا آهن پر اسان جي ٻڌايل تجويزن تي عمل ڪندي توهان مڇرن کان بچي سگهو ٿا.
ڪافي جو استعمال
ڪافي نه رڳو موڊ کي خوشگوار بڻائيندي آهي پر مڇرن کان ڇوٽڪاري به لاءِ بهترين آهي، ڪافي کي هڪ ننڍي ڪپڙي ۾ وجهي ڳنڍ ڏئي درن ۽ درين تي لڙڪائي ڇڏيو.
لونگ ۽ ليمو
مڇر لونگ ۽ ليمن جي خوشبوءِ کي پسند ناهن ڪندا، تنهنڪري اهو ٽوٽڪو انهن کي ڀڄائڻ لاءِ بهترين آهي، ان لاءِ هڪ ليمي کي ٻه اڌ ڪري انهن ۾ ڪجهه لونگن کي ٽُنبي ڇڏيو، مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ ليمن کي گھر جي ڪنڊن ۾ رکي ڇڏيو.
ٿوم جو اسپري
مڇر ٿوم کان ڀڄندا آهن، ڇو جو ان ۾ موجود سلفر بوءِ جو سبب بڻبو آهي.
اهو اسپري تيار ڪرڻ لاءِ ٿوم جي ڪجهه ڳڙين کي چِٿي ان کي پاڻي ۾ اٻاريو، ان کان پوءِ ان مڪسچر کي اسپري جي بوتل ۾ ڀري ڪمرن ۾ اسپري ڪريو.
You might also like