محمد علي پٺاڻ جو هيءُ نئون ڪتاب ”الله ڪي لاٺي“ سندس چاليهن کان وڌيڪ شايع ٿيل ڪتابن ۾ هڪ وڌيڪ اهم اضافو آهي۔ سندس علمي ۽ ادبي ساٿين لاءِ اھا ڳالهه دوستن لاءِ فخر جو سبب آهي، جو هن صحت ۽ معاشي زندگيءَ جي وڏن لاھن چاڙھن باوجود ايڏو اعليٰ ادبي ۽ فڪري مقام حاصل ڪيو آهي۔ هي ڪتاب اصل ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل سندس افسانن جو اُردو ترجمو آهي. ھنن ڪھاڻين جو ترجمو سندس انھن همعصر معتبر ليکڪن ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي جاءِ تي وڏي ناماچاري رکن ٿا۔
محمد علي پٺاڻ جي ھيءَ تصنيف ثقافتي ۽ ادبي طور انتهائي نمايان حيثيت رکي ٿي. جنهن منجھان وڏين ادبي روايتن جي وچ ۾ فڪري هم آهنگي، ٻولين جي گڏيل سمجهھ ۽ هڪ اھڙو مثبت رويو اُجاگر ٿئي ٿو، جيڪو اڄ جي دور ۾ نهايت ضروري آهي۔ لسانيات جي بنياد تي تضاد ۽ نسلي برتريءَ وارو زمانو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته جديد معلوماتي ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت فڪر جا فاصلا گهٽائي ڇڏيا آهن۔ اچو ته هاڻي انهن افسانن جي روح تي نظر وجهون۔
ظاهر آهي ته اهي افسانا ڪووڊ جي تباھ ڪندڙ وبائي دور دوران لکيا ويا آهن، جنهن ۾ انسانيت سخت اذيت، اداسي ۽ مايوسيءَ جي دور مان گذري رهي هئي۔ محمد علي کي چڱيءَ طرح احساس آهي ته هو سنڌي افسانوي ادب جي وڏن ليکڪن جهڙوڪ جمال ابڙي، غلام رباني آگري، نسيم کرل، حميد سنڌي ۽ امر جليل جو فڪري مقروض آهي.مٿي ذڪر ڪيل ليکڪ پاڻ به فرانس ۽ روس جي يورپي ادب جي اثر هيٺ ترقي پسند تحريڪ جي زماني ۾ متاثر ٿيا هئا۔ باقي سنڌ جي تاريخ ون يونٽ جي زماني جي ظلم، جبر ۽ عوامي جدوجهد سان جڙيل آهي۔
هيءَ ترجمو ٿيل ڪتاب اصل سنڌي افسانن جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو ۽ سنڌي سماج جي بي رحمي، تڪليفن ۽ ستم ظريفيءَ جا منظر پيش ڪري ٿو۔ پنجاھ کان وڌيڪ افسانن ۾ عام ماڻهن جي ڏکن، تڪليفن، محرومين ۽ روئاريندڙ حالتن کي حقيقي واقعن جي بنياد تي پيش ڪيو ويو آهي۔ اهي ڪردارن جي مختصر زندگيءَ تي ٻڌل آھن، جيڪي هڪ ويهڪ ۾ پڙهڻ لائق آھن۔ ترجمو ايترو سٺو ۽ اثرائتو آهي جو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ھي افسانا اصل ۾ اُردو ۾ ئي لکيا ويا هجن۔
هن ڪتاب ۾ ڪٿي به مبالغو، ماورائي قصا، ڪهاڻيءَ ۾ اوچتا خيالي واقعا يا بي معنيٰ رومانويت نٿي ملي۔ ان جي بدران هي ڪتاب ليکڪ جي شعري حساسيت، فڪري ساڃاھ ۽ زندگيءَ جي آزمائشن سان سندس عملي رويي کي ظاهر ڪري ٿو۔ ھن ڪتاب جو عنوان ”الله ڪي لاٺي“ خدائي انصاف ۽ جزا جي علامت آهي، جنهن تي ليکڪ جو پڪو ايمان آهي۔
محمد علي پٺاڻ جا ڪردار پيچيده، غير روايتي ۽ حقيقت پسند آهن، جن ۾ ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي فڪري سوال ۽ نتيجا موجود آهن۔ هي مجموعو 19هين ۽ 20 هين صديءَ جي فن ۽ ادب جي ان جمالياتي تحريڪ جي ياد ڏياري ٿو، جيڪا 1850ع ۾ فرانس مان شروع ٿي ۽ جنهن زندگيءَ کي سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان پيش ڪيو۔ ڪتاب ۾ فرانسيسي افسانه نويس گاءِ دي موپاسان ۽ روسي ليکڪن گوَرڪي ۽ چيخوف جي اثرن کي سندهي- اردو روپ ۾ ڏسي سگهجي ٿو۔ هي ڪتاب پنهنجي نوعيت ۾ هڪ غير معمولي ادبي ڪارنامو آهي هڪ اڻ ٿڪ سنڌي ليکڪ جي اصلي سندهي تخليق جو اُردوءَ ۾ شاندار ترجمو۔
محمد علي جي جديد سنڌي ادب ۾ روان، پُر اثر ۽ محاورن سان ڀرپور ٻولي، سندس فڪري ۽ ڳالهه ٻولهھ وارو انداز ۽ عملي فڪري طريقا نون پڙهندڙن لاءِ سکڻ جو ذريعو آهن۔ اميد آهي ته سندس قلم ايندڙ دور ۾ به ساڳئي جوش ۽ ولولي سان هلندو رهندو ۽ ادب ۾ نيون بهارون آڻيندو.
(ترجمو: علي بخش پٺاڻ)