27 ھين آئيني ترميم جي اوٽ ۾ سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشون

تحريرسيد يوسف شاهه

                         ھونئن ته ڪافي مھينن کان 27 آئيني ترميم جي حوالي سان ملڪ ۾ رائج آئين کان مٿڀريون ڳالھيون ھوائن ۾ گردش ڪري رھيون آھن، ڪڏھن انتظامي حوالي سان ملڪ ۾ گهڻا صوبا ٺاھڻ، ڪڏھن پارليامينٽري ۽ صدارتي نظام کي ملائي نئون نظام لاڳو ڪرڻ جون تجويزون، ڪڏھن سينٽ کي ڪرپٽ ادارو قرار ڏئي ختم ڪرڻ جون ڳالھيون ته ڪڏھن وري نيشنل فائنانس ڪميشن (NFC) ايوارڊ تي نظرثاني ڪرڻ جا شوشا. انھيءَ سازش تي عمل ڪرڻ لاءِ اقتدار ڌڻين پاران باقائدہ طور تي گرائونڊ تيار ڪيو پيو وڃي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن اينڪر پرسنز، تبصري نگارن ، صحافين ۽ اسٽيبلشمينٽ نواز ۽ نسل پرست سياستدانن جو ھڪ جٿو تيار ڪيو ويو آھي جيڪو سنڌ سان ساڙ رکندي ۽ پنھنجن آقائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ اھڙيون بي وقتيون ٻانگون ڏيندو ٿو رھي. انھيءَ رينگٽ کي جاري رکندي تازو عامر محمود چيو آھي ته ” پاڪستان ۾ ننڍا صوبا ٺاھڻ سان انتظامي خرچ وڌڻ بدران گهٽجندا، ھن پنھنجي اھا گهر ٻيھر ورجائي ته ملڪ جي ھر ڊويزن کي صوبو ٺاھيو وڃي !“ پر انھيءَ حوالي سان گذريل ٻن ٽن ڏينھن اندر فوڊ سيڪيورٽي واري وزير جا اعتراف، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو جا انڪشاف، اڳوڻي سينٽ چيئرمين رضا رباني ۽ ڊاڪٽرعائشه صديقه جو بي باڪ تجزيو اسان کي پنھنجي ڌرتي ماتا سنڌ کي ڀاڱا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ مڪمل تياري ڪرڻ ۽ ھر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ پاڻ ۽ پنھنجي قوم کي تيار ڪري، منجهن قومي جذبو ۽ جاڳرتا پيدا ڪري جدوجهد ۽ قربانيءَ لاءِ تيار رھڻ جا سڏ ڏيئي رھيون آھن.

موجوده ملڪي صورتحال بابت عائشه صديقه جي تجزئي مطابق ” ادارا پنھنجو اثر وڌائڻ ۾ مصروف آھن ۽ وزير اعظم سميت سموري سياسي قيادت پس منظر ۾ ھلي وئي آھي. جنرل باجوا جي دور کان جيڪو ”ھائبرڊ ماڊل“  ٺھيو ھو، اھو ھاڻي ”پروميڪس ھائبرڊ سسٽم“ ۾ تبديل ٿي چڪو آھي، جنھن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو سياسي ۽ انتظامي ڪردار وڌيڪ طاقتور ٿي ويو آھي. جڏھن ڪو فوجي ڪمانڊر ايترو مضبوط ٿي وڃي جو ڪو  به کائنس پڇاڻو ڪرڻ جي ھمت  نٿو ڪري سگهي ، تڏھن نظام ۾ غلطين جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ھن وقت صورتحال اھا آھي جو فيلڊ مارشل آمريڪي لاڳاپن ۾ سڌو مرڪزي ڪردار ادا ڪري رھيو آھي ۽ وزير اعظم ۽ پارليامينٽ کي ان ۾ شامل ئي نٿو ڪيو وڃي جنھن مان اھا ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته پاڪستان ۾ طاقت جو توازن مڪمل طور اسٽيبلشمينٽ وٽ آھي ۽ پاڪستان جي سياسي طبقي ۾ جرئت ۽ خودمختاريءَ جي کوٽ آھي. جڏھن سول سوسائٽي ۽ پارليامينٽ پنھنجو ڪردار ادا نٿا ڪن.

 اسان کي اھو تسليم ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان ھن وقت سختگير نظام جو شڪار آھي، جنھن ۾ مارشل لاءِ  جي اعلان ڪرڻ جي  به ضرورت ناھي. مٿيون تجزيو  به ظاھر ڪري ٿو ته ملڪ تي اصل حڪمراني ڪھڙو طبقو ڪري رھيو آھي ۽ ملڪ، جي ھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ صوبن ۽ آئين جي حوالي سان سندن ارادا ڪھڙا آھن ۽ ماضيءَ ۾ فوجي ڊڪٽيٽرن ملڪ جي صوبن ۽ آئين سان ڪھڙا ويڌن ڪيا آھن ۽ قوم کي ان جا ڪيترا ھاڃيڪار نتيجا ڀوڳڻا پيا آھن، اھو سڀني جي سامھون آھي پر تنھن ھوندي  به اقتدار ڌڻي 18 ھين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جون سازشون رڳو ان لاءِ ڪري رھيا آھن جو آرٽيڪل 6 آئين ٽوڙيندڙن تي غداريءَ جو ڪيس ھلائڻ متعلق ھو پر 18 ھين ترميم ۾ آرٽيڪل 6-2 A جو اضافو ڪيو ويو آھي جنھن تحت آئين ٽوڙيندڙن جو ڪيس سپريم ڪورٽ سميت ڪا به عدالت ٻڌي نٿي سگهي ۽  نه ئي آئين معطل ڪري سگهي ٿي ايئن ڪندڙ ججن تي  به ساڳيو آرٽيڪل لاڳو ٿيندو جڏھن ته اڳ ۾ مارشل لاءِ لاڳو ڪندڙ آمر عدالتن مان رليف وٺندا رھيا آھن ۽ پوءِ سندن ئي نگرانيءَ ۾ ايندڙ اسيمبلين مان سندن غيرآئيني قدمن کي قانوني تحفظ ڏياريندا رھيا آھن.

ھن ترميم تحت آئين جي آرٽيڪل  38 مطابق ملڪ جي ايڪن (صوبن) وچ ۾ موجود وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ جو خاتمو ڪيو ويو آھي.صوبائي خودمختاريءَ کي يقيني بڻائيندي آرٽيڪل 70 کان 234 تائين 13 آرٽيڪلن کي مڪمل يا جزوي طور تبديل ڪيو ويو آھي. بجليءَ جي پيداوار جو معاملو مڪمل طور صوبائي اختيار ۾ ڏنو ويو آھي. اين ايف سي، قدرتي گئس، صوبائي قرض ۽ ھنگامي صورتحال نافظ ڪرڻ متعلق قانون سازيءَ جا اختيار صوبن حوالي ڪيا ويا آھن. ھن ترميم صوبائي حڪومتن کي وڌيڪ اختيار ڏنا آھن. اتر اوڀر سرحدي صوبي جو نالو بدلائي ”خيبر پختون خواه“ رکيو ويو آھي . آرٽيڪل 10 ۾ اضافي شق 10-A جو اضافو ڪري غيرجانبداڻي ٽرائل کي بنيادي حق جو درجو ڏنو ويو آھي. آرٽيڪل 19 تحت معلومات يا ڄاڻ تائين آزاد رسائي کي  به بنيادي حق تسليم ڪيو ويو آھي.جتي آبي ذخيرا تعمير ٿيندا ، وفاقي حڪومت ان صوبي سان مشورو ڪرڻ جي پابند ھوندي. آمرن پاران 1973 جي آئين ۾ ڪيل ترميمن جو خاتمو ڪيو ويو ۽ انھن پاران بار بار آئين ٽوڙڻ جا رستا بند ڪيا ويا ۽ سڀ کان اھم ڳالهه ته آئين جي آرٽيڪل 172 تحت تيل، گئس ۽ ٻين معدني وسيلن تي اختيار صوبن ۽ وفاق وچ ۾ گڏيل ھوندو يعني ٻئي برابر جا حصيدار ھوندا. پر تازو اقتدار ڌڻين پاران آمريڪا سان تيل، گئس ۽ ٻين معدنيات جي حوالي سان ڪيل لڪل معاھدن جي راهه ۾ 18 ھين آئيني ترميم ۽ صوبن جو وجود سڀ کان وڏي رڪاوٽ آھن ان ڪري ملڪ جا اصل حڪمران گهڻن صوبن جي نالي تي صوبن جو وجود مٽائڻ ۽ 18 ھين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جون سازشون ڪري رھيا آھن.

سنڌ خلاف ٿيندڙ انھن سمورين خطرناڪ رٿائن ۽ سازشن سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ اسان کي اڃا  به وڌيڪ بھتر حڪمت عملي سان تياري ڪرڻ ۽ ھر محاذ تان جدوجهد ھلائڻ جي ضرورت آھي. سسئي پليجو مطابق ھفتي ڏيڍ ۾ اھو ڊرافٽ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيڻو آھي ۽ فيلڊ مارشل جي ريٽائرمينٽ جو مدو  به پورو ٿيڻ وارو آھي ھو چاھيندو ته سندس ئي دور ۾ اھا ترميم پاس ٿئي ته جيئن ھو ايڪسٽينشن حاصل ڪري سگهي. اھا ڳالهه  به ذھن ۾ رکڻي پوندي ته تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌ ۾ جيڪو جبري گمشدگين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي، اھو ھن سازش خلاف سنڌي قوم جي امڪاني ردعمل کي روڪڻ جي اڳواٽ تياري جي سلسلي ۾ آھي. جيتوڻيڪ سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ مختلف پارٽيون پنھنجي پنھنجي طور تي جدوجهد ڪندي جلسا ۽ سيمينار سڏائي پنھنجو موقف ڏينديون رھيون آھن پر ھاڻي فقط اخباري بيان جاري ڪرڻ سان اسان سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي منھن نٿا ڏيئي سگهون، ڪو به فرد انفرادي طور تي سنڌ جي وجود کي بچائي نٿو سگهي پر ان لاءِ سنڌي قوم کي ميدان تي آڻڻو پوندو. سنڌ جي وجود تي لاڳيتو وار ٿي رھيا آھن، سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي ناپاڪ سازش ٿي رھي آھي سنڌ ڌرتيءَ جي انچ انچ جي حفاظت لاءِ شاگردن، استادن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، عالمن، ذاڪرن، ھارين، آبادگارن، اديبن، شاعرن ، صحافين ۽ زندگيءَ جي ھر شعبي سان تعلق رکندڙن کي ميدان تي اچڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.