اسٽيبلشمينٽ جي نئين سياسي صفبندي

تحرير: سڪندر چنو

پ پ بلوچستان ۾ مضبوط ڏسڻ ۾ اچي پئي پر پ پ جي ان آکيري ۾ شهباز شريف هڪ کڙو اڇلائي ڇڏيو آهي ته جيئن اتان پ پ جا پکي اڏار ڪري ن ليگ جي آکيري ۾ اچي وڃن ته جيئن ايندڙ حڪومت ن ليگ جي مضبوط طور سامهون اچي ۽ وڌ ۾ وڌ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليون جون سيٽون کٽي وٺي.  تازو اسٽيبلشمينٽ جي اهم ۽ سگهاري شخصيت جيڪا اسلام آباد کان اڏام ڪري بلاول هائوس ڪراچي ۾ آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ڪري واپس اسلام آباد رواني ٿي ويئي هئي. ان سگهاري شخصيت اهيو به واضع ڪيو هيو ته پ پ ۽ ن ليگ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪن. اسٽيبلشمينٽ سياسي فارمولو پڻ طئي ڪري ڇڏيو آهي. ته ملڪ جو ايندڙ صدر نواز شريف يا آصف علي زرداري کي ئي چونڊيو ويندو. اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي اعلان کان پوءِ ملڪ جي سياسي حلقن اندر وڏو ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي.

اسٽيبلشمينٽ نئين سياسي صف بندي ڪري رهي آهي. اهو به طئي ڪيو پيو وڃي ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم شهباز شريف هوندو. بيڪ اپ ۾ آپشن طور بلاول ڀٽو زرداري به آهي. نواز شريف کي صاف رستو ڏيندي ملڪ ۾ آڻيندڙ جو هڪ اهو به منصوبو آهي ته ايندڙ حڪومت نواز ليگ جي اڪيلي سر نه هوندي ان ۾ پ پ جو به حصو هوندو ۽ گڏيل قومي حڪومت هوندي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم سميت ٻيون پارٽيون به شامل ڪيون وينديون سواءِ تحريڪ انصاف جي. منصوبو جوڙيندڙن کي خفيه طور خبر ملي هئي ته پ پ ۽ تحريڪ انصاف اليڪشن ۾ اتحاد ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري اليڪشن وڙهڻ چاهن ٿيون. جنهن تي منصوبو جوڙيندڙن کي وڏي پريشاني وٺي وئي ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ سندن جوڙيل منصوبي مٿان پاڻي ڦيرجي ويندو ۽ پنجاب اندر پوءِ ن ليگ کي اڪثريتي قومي اسيمبلي جون سيٽون ملڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پونديون.

اسٽيبلشمينٽ جو ارادو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ گڏجي اليڪشن وڙهن ۽ تحريڪ انصاف کي گهٽ ۾ گهٽ سيٽون ملن. هوڏانهن ن ليگ تحريڪ انصاف جي باقيات جو رستو روڪڻ لاءِ سرگرم آهي. آصف زرداري جي ڪوشش آهي ته سنڌ مان وڌ ۾ وڌ سيٽون کڻڻ سان گڏو گڏ پنجاب مان به سيٽون کٽي ن ليگ سان طاقتور اتحادي طور سامهون اچي.

زرداري وڏو سياڻو ۽ طاقتور سياسي رانديگر آهي. پاڻ وٽ تحريڪ انصاف جو پتو محفوظ رکي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ يا ن ليگ سنڌ ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ يا پ پ جي صف بنديءَ کي ٽوڙڻ لاءِ ن ليگ ڪابه ڪوشش ڪئي ته پ پ تحريڪ انصاف سان اليڪشن اتحاد ڪرڻ کان به پوئتي نه هٽندي. تازو آصف زرداري گهوٽڪي سياسي ياترا ڪري سنڌ ۾ باقي پ پ مخالفن کي ڀاڪر پائڻ لاءِ وڏو سڏ ڏنو آهي. زرداري چاهي ٿو ته سنڌ ۾ پ پ مخالف موجود سگهاريون سياسي قوتون پارٽي ۾ شامل ٿي وڃن .

تازو شهباز شريف جنهن کي وزارت عظميٰ جي ڪرسي تي ويهارڻ ۾ وڏو ڪردار آصف زرداري جو هيو بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ جنهن جو واسطو پ پ سان هيو نواب اسلم رئيساڻي جي ڀاءُ نواب لشڪري رئيساڻي سان رابطو ڪري ن ليگ ۾ باضابطه طور شموليت جي آڇ ڪئي آهي. ان آڇ کان پوءِ يقينن پ پ اندر وڏي باهه ڀڙڪي آهي آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري شهباز شريف جي ان آڇ کان پوءِ وڏا ناراض ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جڏهن ته  ڏٺو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ شهباز شريف کي ايئن نه ڪرڻ گهربو هو ڇاڪاڻ ته بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران شهباز شريف ڏي اشارو ڪندي چيو هيو ته اسان جو اميدوار هيءُ ئي آهي.

 

 

اسٽيبلشمينٽ جو ارادو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ گڏجي اليڪشن وڙهن ۽ تحريڪ انصاف کي گهٽ ۾ گهٽ سيٽون ملن. هوڏانهن ن ليگ تحريڪ انصاف جي باقيات جو رستو روڪڻ لاءِ سرگرم آهي. آصف زرداري جي ڪوشش آهي ته سنڌ مان وڌ ۾ وڌ سيٽون کڻڻ سان گڏو گڏ پنجاب مان به سيٽون کٽي ن ليگ سان طاقتور اتحادي طور سامهون اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.