ڪالهوڪو پندرهن نومبر جو سج به سنڌ لاءِ سڻائو نه ٿيو صبح اٿندي ئي علي خان لغاري هڪ اهڙي خبر کان آگاھ ڪيو جو منهنجي دل مڃڻ کان منڪر ٿي پئي يقين ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو ۽ سلڇڻو، ۽ سچو دوست کي اڄ ڪوڙو ڪوٺڻ تي دل چئي رهي هئي پر حقيقت ته حقيقت ھوندي آ ڀلي ڪيترو به ڀيانڪ هجي، يقينن سڄي سنڌ جي ڀيڻ مرڪ جان جي خودڪشي جو ٻڌندي ئي جيءُ جهري پيو.
ڏٺو وڃي ته سنڌ اهڙيون ڀاري ڀوڳنائون هر ڏينهن ڀوڳيندي اچي ڪڏهن شهيد جان محمد مھر جو قتل ته ڪڏهن وري شهيد افضل لنڊ، ڪڏهن شهيد بلال ڪاڪا ته ڪڏهن شهيد اي ڊي راهمون، ڪجهھ ڏينھن اڳ به هڪ اڀاڳي خبر اکين اڳيان آئي ته خيبر پختون خواه جي گومل زيم ڊيم تي ڊيوٽي ڪندڙ قومپرست ڪارڪن علي بلوچ به خودڪشي ڪئي آهي پر قومي ڪارڪن ۽ قومي تحريڪ جا اڳواڻ اها ڳالهھ تسليم نه ٿا ڪن. جڏهن ته جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور پاران به علي بلوچ جي پراسرار موت تي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي عدالتي تحقيقات ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڪامريڊ مرڪ جو پراسرار موت کي سندس ڀيڻ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت قتل قرار ڏنو آهي.
اڄوڪي دور جي اندر خودڪشي اهو ڪري ٿو جنهن جو خيال شڪست کائي وڃي پر باشعور ۽ ويڙهاڪ ماڻهو خودڪشي نه ٿا ڪري سگهن. خودڪشي انسان پاڻ ناهي ڪندو خودڪشي يا قتل ٻنهي جو ذميوار سماج ۽ سسٽم آهي، خودڪشي بابت سنڌ جي عظيم ليکڪ امر جليل جو چوڻ آهي ته "خودڪشي ڪو رومانس ناهي، خودڪشي معاشري جي بي حسي، ناانصافين ۽ ڏاڍاين خلاف هڪ اڪيلي شخص جو احتجاج آهي”. اڪثر ڪري ڏٺو وڃي ته هن بدبودار جاگيرداري سماج ۾ خودڪشي به ته قتل آهي ڇو جو هي معاشرو هڪ فرد کي ان انتها تائين پهچائي ٿو جو هو پنهنجي وجود کي بي معني سمجهڻ لڳي ٿو، اڪثر ڪري اهو به ڏسڻ لاءِ ملندو آهي ته هن واحيات سماج جي جبر جو شڪار سدائين روشن خيال ذهن ئي بڻبو آهي. ڪامريڊ مرڪ جان جيڪا شاھ عبدللطيف ڀٽائي ۽ مفڪرِعالم، پيغمبرِ سنڌ رهبر سائين جي ايم سيد جي فڪر جي ڄاڻو هئي، ڪتابن سان لڳاءُ رکندڙ سٻاجهڙي نياڻي ۽ هڪ سچي سنڌياڻي جنهن پنهنجي پوري حياتي قومي غلامي جي بيٺل برجن کي برباد ڪرڻ جي هامي ڀري هئي، جنهن پنهنجو هر ساھ سنڌ کي سونپي ڇڏيو هو جنهن پنهنجو جسم ۽ جان وطن جي امانت سمجهو هو ته هو وطن جي امانت ۾ خيانت ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟
حسين مرڪ جهڙي مرڪ جان جيئي سنڌ قومي محاذ (ناري تحريڪ) جي اڳواڻ هئي جيڪا سنڌ جي ڳچي مان قومي غلامي جو ڳٽ ٽوڙائڻ لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪري هر ننڍي توڙي وڏي احتجاج ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندي هئي ۽ سنڌ ۽ سنڌين جي هر مسئلي تي ميدان ملهائيندي نظر ايندي هئي هو مظلومن جي حقن لاءِ وقت جي فرعون سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائڻ جي سگهھ رکندي هئي ۽ ظالمن کي للڪاريندي نظر ايندي هئي پر اڄ سندس اها بيباڪ ۽ ڊگهي للڪار اڇي ڪپڙي ۾ ويڙھجي چڪي آهي ۽ وطن جا وڻ اداس ٿي روئي رهيا آهن ۽ سڄي سنڌ ڀيڻ مرڪ جي وڇوڙي تي اداس ۽ پريشان آهي.
مرڪ جان عملي سياست جو هڪ وڏو نالو هئي. مون کي ياد آهي مرڪ جان ۽ سندس سرتين بلاول ڪاڪا کي شهيد ڪندڙ قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج جو سڏ ڏنو هو جنهن ۾ جسقم باني ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنهل ساريو، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري تاج جويو ۽ ناليواري قومي راڳي وقار ملاح ۽ فقير شبير لغاري سميت وڏي انگ ۾ قومي اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي هئي جيڪا سندس سرواڻي ۾ هڪ شاندار تاريخي ريلي ۽ احتجاج رڪارڊ ٿيو هو، مون کان اهو به ڪيئن وسري جڏهن ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شھيدن جي ورسِي جي موقعي تي سنڌ جي ناليواري قومي راڳي فقير دلدار اوٺو، اعجاز سمون، اظهر ميراثي، زبير بروهي ۽ سرور اوٺو سان اسان جو ڄامشورو جي فلاءِ اوور پل هيٺيان جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ۽ مرڪ جان ۽ نوجوانن جي جٿي ڳاڙهن جنهڊن، "ناريِ سيد ناريِ سنڌ” جي نعرن ۽ گلن جي ورکا ڪري استقبال ڪيو هو، اها مرڪ جان جنهن يومِ سنڌو ديش جو ڏهاڙو ملهائڻ جي ڏوھ ۾ کنڀي گم ڪيل شاگردن جي عدالت باران باعزت بري ڪرڻ ڪرڻ جهڙي حڪم ڏيڻ باوجود کين ظاهر نه ڪرڻ خلاف شام ست بجي کان رات ٻه بجي تائين ڌرڻو هنيو ويو هو جنهن ۾ سنڌ سڄاڳي فورم جي اڳواڻ سارنگ جويو، جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو، سيد نواز شاھ ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ لڳل ڊگهي ڌرڻي ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل نظر آئي.
مون کي يقين آهي ته نئين سماج اڏڻ جا جتن ڪندڙ، مظلوم قوم جي ساڀيان جا خواب ڏسندڙ، سماج جي وحشتن جي واچوڙي ۾ گوتا کائي نيٺ چکيا تي چڙهندڙ، نهايت بهادر ۽ بي ڊپي ڇوڪري، مائي بختاور ۽ ٻاگهي جهڙي هي بهادر ڀيڻ خودڪشي نه ٿي ڪري سگهي، خودڪشي جو رنگ ڏنل واقعي پويان ڀيانڪ حقيقتون آهن، ٻيو ته سندس والد قومپرست اڳواڻ پير جان محمد پيرزادو پاران به اهو ٻڌايو ويو نه ڪمري جو دريون ڀڳل هيون کيس ٽنگيل لاش هيٺيان ڪا به ٽيبل يا ڪرسي ناهي ملي، مرڪ جان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي رکيل آخري مواد تي گهڻو ڌيان نه ڏيڻ گهرجي ڇو جو يرغمال ماڻهو موبائيل ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڌيان هٽائڻ خاطر استعمال ٿي سگهن ٿا.
مرڪ جان جو سياسي تعلق سن جي سيدن سان آهي مرڪ جان جهڙي نموني سان عملي سياست ۾ پير پاتو هو ته مرڪ جهڙيون ڇوڪريون جيڪي سياست ۾ اڻ لڀ آهن تنهن جو هن طرح سان وڃڻ نه صرف خاندان لاءِ دردناڪ آهي پر قومي سياست لاءِ به سٺو سوڻ ناهي مرڪ جان جو قتل ٿيو آهي يا کيس خودڪشي جي ڪيفيت تائين مجبور ڪيو ويو آهي؟ کيس اڻ وقتائتي موت جي مڪمل اعلي سطحي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ته مرڪ سان ڇا ٿيو؟ ۽ جيڪو به ٿيو ان جا ڪهڙا سبب هئا؟ ۽ موت جي اصل محرڪن تائين پوليس کي پهچڻ گهرجي.
مرڪ جهڙيون ڇوڪريون جيڪي سياست ۾ اڻ لڀ آهن تنهن جو هن طرح سان وڃڻ نه صرف خاندان لاءِ دردناڪ آهي پر قومي سياست لاءِ به سٺو سوڻ ناهي.مرڪ جان جو قتل ٿيو آهي يا کيس خودڪشي جي ڪيفيت تائين مجبور ڪيو ويو آهي؟ کيس اڻ وقتائتي موت جي مڪمل اعليٰ سطحي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ته مرڪ سان ڇا ٿيو؟ ۽ جيڪو به ٿيو ان جا ڪهڙا سبب هئا؟ ۽ موت جي اصل محرڪن تائين پوليس کي پهچڻ گهرجي.