راڻيپور (ن ع آ) راڻيپور پوليس جي تشدد ۾ قتل ٿيل شاهه مراد بروهي جي ڀاءُ شهمير بروهي جي فرياد تي ايس ايڇ او راڻيپور انور علي ابڙو ۽ چئن پوليس اهلڪارن سميت 13 ڄڻن تي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي شھمير پنهنجي فرياد ۾ ڄاڻايو آهي ته ايس ايڇ او راڻيپور انور علي ابڙو، اهلڪار راحب ڄامڙو، اهلڪار عبدالحق وساڻ، اهلڪار عبدالرزاق گولو ۽ ٻيا پرائيويٽ ماڻھو دلٺار شيخ، نيڪ محمد شيخ، سعيد احمد شيخ، غلام نبي عرف بگو مغيري ۽ ٻيا چار اڻڄاتل ماڻهون اسان جي گهر ۾ گهري آيا گهر ۾ ڀڄ ڊاهه بعد ڀاءُ شاهه مراد کي کنڀي کڻي ويا. فريادي موجب ڀاءُ سان راڻيپور ٿاڻي تي ملڻ ويس ته ايس ايڇ او سميت ڄاڻايل پرائيويٽ ماڻھو لاڪپ آڏو منهنجي ڀاءُ شاهه مراد تي وحشياڻو تشدد ڪري رهيا هئا . جنهن کي مرڻينگ حالت ۾ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي. آخري اطلاع تائين قتل ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.