راڻيپور (رپورٽ: فياض راڄپر ) راڻيپور پوليس جي حراست دوران تشدد سبب مرڻينگ ٿيل ڳوٺ رسول بخش بروھي واسي شاھه مراد بروھي گمس اسپتال ۾ زخمين جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. واقعي خلاف فوتي جي وارثن مرد ۽ عورتن لاش قومي شاھراھ تي رکي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب قومي شاهراهه جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون.حاجي عبدالرحيم بروھي، رستم بروھي، منير بروھي، نورجهان بروھي، اسماعيل بروھي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احسان بروھي ۽ مسڪان شيخ پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن جي عيوضي ۾ راڻيپور پوليس شاھه مراد کي گرفتار ڪيو، وارثن موجب پوليس جي وحشياڻي تشدد سبب نوجوان جي حالت خراب ٿي وئي جنهن کي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو آهي. فوتي جي وارثن الزام مڙهيندي چيو ته پوليس مسڪان شيخ جي وارثن کان پئسا وٺي اسان جو ماڻھو ماريو آھي. احتجاج ڪندڙن سنڌ جي نگران وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ڌرڻي ۾ جسقم اڳواڻ امجد مهيسر پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي رياستي ڏاڍ ذريعي قتل ڪيو پيو وڃي ڪو به سنڌ جو ماڻهون محفوظ ناهي، هن چيو ته ماڻهون روڊ تي اچي حق گهرن ٿا ڪو وقت ايندو ته ٿاڻا ڪلچر جو ڏاڍ نه هلندو انهن رياستي ادارن جي آفيسرن کي پنهنجو رويو درست ڪرڻو پوندو. بروهي برادري جي نيڪ مرد سردار عبدالرحمان مينگل اي ايس پي فراز ميتلو وارثن شهمير بروهي محمد نواز بروهي ادريس بروهي حاجي عبدالرحيم بروھي سان ڳالهيون ڪيون ويون جنھن ۾ طئي ڪيو ويو ته مقتول شاھه مراد جو پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ وارث جنھن تي به ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين داخل ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.