لاهور (عوامي آواز نيوز) چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن سان پاڪستان هندستان ۽ افغانستان ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي بحاليءَ لاءِ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، چونڊن کان اڳ يا ترت پوءِ ان حوالي سان وڏي اڳڀرائيءَ جا امڪان آهن، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو چوڻ هو ته پاڪستان جي معيشت ۾ ساڍا 6 ارب رپين جو خسارو آهي، اهو ڪيئن پورو ٿيندو، ان ڏس ۾ گڏيل عرب امارات لاءِ ايم ايف کي پاڪستان جي ضمانت ڏني آهي ته اها کوٽ پاڪستان پوري ڪندو، جڏهن ته سعودي عرب جون پاڪستان سان ريڪو ڊڪ پراجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالهيون هلندڙ هيون اهي به ڪامياب ٿي ويون آهن، سعودي عرب جو ريڪو ڊڪ پراجيڪٽ ۾ 20 سيڪڙو حصو هوندو ۽ ڊسمبر ۾ سعودي عرب ساڍا 7 ارب رپيا پراجيڪٽ تي سيڙپڪاري ڪندو. سٺي ساک رکندڙ اداري ” رائٽر“ به ان خبر جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته هندستان ، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ دوستاڻن لاڳاپن لاءِ خاموشيءَ سان هلندڙ ڳالهيون به ڪامياب ٿي ويون آهن، سعودي عرب ۽ عرب امارات جو به پاڪستان دٻاءُ هو ته پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ معيشت جي بحاليءَ لاءِ ضروري آهن، انهن جي خواهش ۽ چين جي ڪوششن سبب ان حوالي سان ايندڙ وقت ۾ اهم اڳڀرائيءَ جي خبر ميڊيا جي زينت بڻجي سگهي ٿي.