ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز جي صدارت هيٺ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڪرائڻ بابت اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ سيڪريٽري صحت منصور عباس رضوي سميت صوبي جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 19 نومبر تي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي منعقد ٿيڻ تي ايندڙ خرچن، ٽرئفڪ ۽ سيڪيورٽي انتظامن تي غور ويچار ڪيو ويو. ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي نمائندن نگران صحت واري وزير کي درخواست ڪئي ته داخلا ۽ تعليمي سيشن فيسن ۾ واڌ ڪئي وڃي. يونيورسٽي توڙي ڪاليجن جي نمائندن وڌيڪ چيو ته ٽيسٽ ۾ شاگرد چيڪنگ دوران پڪڙجي پوڻ ۽ ٽيسٽ ۾ پي آر سي، ٻين بورڊن جي شموليت به وڏو مسئلو آهي.نگران صحت واري وزير سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته پي آر سي بابت قانون واري کاتي کان راءِ ورتي وڃي. ان موقعي تي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڪرائڻ تي ايندڙ خرچن جو فنڊ فوري طور جاري ڪيو وڃي. ڊاڪٽر سعد خالد نياز سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته فيسن ۾ واڌ بابت راءِ جي سمري تيار ڪري ڪابينا کي موڪلي وڃي. ڪاپي ۽ غير قانوني چر پر توڙي سرگرمين ۾ ملوث شاگردن تي هڪ سال جي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ پي ايم ڊي سي سان ڳالهايو آهي. ڪراچي. خيبر پختونخواهه ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ٿيڻ کانپوءِ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ به جديد طريقي سان ڪاپي جو انڪشاف ٿيو آهي. خيبرپختونخواهه پبلڪ سروس ڪميشن ٻيهر امتحان لاءِ پبلڪ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.