حيدرآباد/مانجهند (رپورٽ:حسيب لطيفي/ بابو عمراڻي) حيدرآباد ۾ قومپرست فڪر سان سلهاڙيل عورت اڳواڻ مُرڪ جان پيرزادو جو فليٽ مان پرسرار نموني لاش هٿ آيو، وارثن شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته سندن نياڻي بهادر هئي، هوءَ خودڪشي نٿي ڪري سگهي، هوء ڪنهن به پريشاني ۾ مبتلا نه هئي. قاسم آباد جي نسيم نگر واري علائقي جي نيسم شاپنگ مال جي هڪ فليٽ مان 31 ورهين جي مُرڪ جان پيرزادو جو فليٽ مان لاش هٿ آيو، جنهن بابت پلازہ جي چوڪيدار پاران ون فائيو پوليس مددگار کي اطلاع ڏنو ويو، جنھن تي لاڳاپيل نسيم نگر پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، ان دوران پوليس پاران مُرڪ جان جو موبائل فون تحويل ۾ وٺڻ سان گڏ گهربل ضروري شاهديون گڏ ڪرڻ کانپوءِ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪرايو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب جسم تي ظاهري طور ڪٿي به تشدد جو نشان نه هو، ڳچي ۾ پيل ڦاهي جا نشان هئا، موت آپگهات هو يا قتل ڄاڻڻ لاءِ جزا ورتا ويا آهن، جن کي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪليو ويو آهي، سامهون آيل وڊيو ۽ تصويرن ۾ نظر اچي رهيو آهي ته مُرڪ جي ڳچيءَ ۾ ڇت جي پکي ۾ لڳايل رئو ٻڌل آهي ۽ هيٺيان بيڊ رکيل آهي، بستري جي پيراندي کان ئي سندس لاش ٽنگيل هو. نسيم نگر نسيم پوليس پوسٽ جي انچارج وحيد پنهور موجب نسيم شاپنگ مال جي هڪ فليٽ مان گذريل رات 3 کان 4 وڳي ڌاري مُرڪ جان پيرزادو جي لاش ملڻ جو پلازه جي چوڪيدار اطلاع ڏنو. پوليس پهچي فليٽ جو جائزو ورتو ۽ لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو, رات جو 4 وڳي ڌاري آندل لاش جو صبح محل پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو, سول اسپتال ۾ مُرڪ پيرزادو جا وارث، جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ديدار شام, ايڊووڪيٽ محب آزاد ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڪن پهتا.
مرڪ مانجهند ۽ سن ۾ پڙهي، ڪراچي ۾ جشن لطيف به ڪرايو
مانجهند: مرڪ جان پيرزادو پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم مانجهند مان ورتي جڏھن ته انٽرميڊيٽ هائر سيڪنڊري سن مان ڪئي ڪمپيوٽر جي تعليم حيدرآباد مان ورتي مرڪ جان متحرڪ قوميڪارڪنن ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان واڳيل رهي کيس جسقم ليڊيز ونگ جو چيف آرگنائيزر پڻ مقرر ڪيو جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ عورٿن کي سجاڳ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو سوشل ميڊيا ۾ قومي ڪردار سبب سندس وڏي مقبوليت رهي هڪ سال اڳ ڪراچي ۾ جشن لطيف جو تمام وڏو پروگرام ڪرايو مرڪ جان 3 سال اڳ مانجهند مان حيدرآباد لڏي خانگي بينڪ ۾ نوڪري ورتي هئي سندس اچانڪ موت تي علائقي ۾ سوڳ واري لهر آھي سندس تڏو مانجهند شھر ۾ وڇايو ويو آھي جتي تعزيت جو سلسلو هلندڙ آھي
مرڪ ۽ منهنجا سٺا واسطا هئا، قومي ڪارڪنن آڏو جوابده آهيان: سيف جتوئي
حيدرآباد: مُرڪ جان پيرزادو جي وارثن کي ميبنا خودڪشي ڪرڻ جو وارثن تائين مبينا طور اطلاع پهچائيندڙ ۽ پنهنجي فيسبڪ آئي ڊي تي مُرڪ پيرزادو جي خودڪشي جي پهرين پوسٽ رکندڙ سيف جتوئي فيسبڪ تي لائيو اچي پنهنجو موقف ڏنو آهي ته مُرڪ ۽ منهنجو تمام سٺو تعلق رهيو آهي، جنهن جي تمام گهڻن ماڻهن کي به خبر آهي، ڪالهه آئون ڪراچي ويل هوس، اتان رات 10 وڳي ڌاري واپس گهر آيس، منهنجي موبائيل فون سائيلينٽ تي لڳل هئي ۽ مُرڪ جون مسلسل فون ڪالون هيون جيڪي آئون کڻي نه سگهيس، گهر پهچي مون مُرڪ جي فون ڪال اٽينڊ ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته آئون گهر پهتو آهيان. جنهن تي مُرڪ پڇيو ته ڪيتري دير ۾ واپس ايندين مون کيس ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ ۾ واپس اچان ٿو، پر مون کي 2 ڪلاڪ دوست سان گڏ گذري ويا، جنهن کانپوءِ مُرڪ وري منهنجي سئوٽ کي ڪال ڪئي ۽ ان کان منهنجي دوست جو نمبر وٺي وري دوست جي نمبر تي هن ڪال ڪئي. هن چيو ته مُرڪ جي طبيعت ڏاڍي تيز آهي جيڪي به ماڻهو ان کي سڃاڻن ٿا اهي چڱي طرح مُرڪ جي طبيعت کان واقف هوندا، مُرڪ مونسان موبائيل ڪال تي تمام گهڻو بحث ڪيو ۽ گهٽ وڌ پئي ڳالهايو، آئون واپس گهر آيس، پر هن جو بحث هلندڙ هو، ڳالهه ٻولهه دوران مون بار بار هن کان معافي پئي گهري، پر شايد هو گهڻي ڊسٽرب هئي، مون هن سان آرام سان پئي ڳالهيو. هن چيو ته مون کي موبائيل فون تي ڳالهه ٻولهه دوران اهو محسوس ٿيو ته هوءَ پهريان ئي پکي ۾ رسو يا ڪا شي وجهي ويٺي هئي ۽ مون کي چيو ته آئون خودڪشي ڪيان ٿي، جنهن تي مون کيس چيو ته چري نه ٿي ايئن نه ڪر، مسلسل اسان جو بحث هليو پيو، ڪجهه دير کانپوءِ هوءَ تمام گهڻو جذباتي ٿي وئي ۽ فون تي ڪال هلندڙ ئي هئي ته هن خودڪشي ڪئي ۽ موبائيل جڏهن هيٺ ڪريو ته مون کي ان جو آواز آيو به آيو، مون کي اهو به لڳو ته شايد هوءِ مذاق پئي ڪري، ان کانپوءِ مون هن کي مسلسل فون ڪالون ۽ ميسيج پئي پيا ته ائين نه ڪر، مُرڪ منهنجي فون ڪال اٽينڊ نه ڪئي. هن چيو ته ان سڄي صورتحال کانپوءِ مون پلازه جي چوڪيدار کي ڪال ڪئي ۽ کيس چيو ته تون مٿي وڃ شايد مُرڪ جي طبيعت صحيح ناهي، چوڪيدار ٻڌايو ته هوءَ شايد ننڊ پئي آهي، چوڪيدار کي مون ٻيهر چيو ته تون مٿي وڃ ۽ دروازو ٽوڙ يا ٻيو ڪجهه ڪر پر مُرڪ کي ضرور ڏس، جنهن کانپوءِ چوڪيدار واپس ويو ۽ هن فليٽ جي دري واري ڄاري هٽائي دروازو کوليو ته هن خودڪشي وارو منظر ڏٺو، منهنجي ڪال ان وقت به هلي پئي. هن چيو ته جڏهن موبائيل فون جي سي ڊي آر نڪرندي ته سڀ شيون واضح ٿي وينديون. هن چيو ته جڏهن مُرڪ منهنجي ڪال اٽينڊ نه پئي ته مون جذبات ۾اچي فيبسڪ تي پوسٽون ڇڏيون ته مُرڪ کي ڪجهه به ٿيو ته سٺو نه ٿيندو، ڇو ته ڪجهه ماڻهو ۽ ڪجهه ٽولا مُرڪ ۽ منهنجي واسطي تي اٽيڪ ڪندا رهيا آهن، ڪيتريون ئي اهڙيون شيون آهن جيڪي ماضيءَ جون به آهن جن تي ڳالهائي سگهان ٿو. هن چيو ته هن وقت به سوشل ميڊيا تي وڏو جٿو لڳو پيو آهي ۽ الزام پيو هڻي، پر آئون انهن ماڻهن نه پر سنڌ جي ماڻهن ۽ قومي ڪارڪنن جي اڳيان جوابده آهيان، جيڪڏهن مون تي مُرڪ جو خون ثابت ٿئي ته مون کي سرعام پٿرن سان سنگسار ڪري ماريو وڃي.
سيف جو ڪردار شڪي لڳي رهيو آهي: سوشل ميڊيا تي رايا
حيدرآباد: ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو مُرڪ پيرزادو جي موت واري واقعي تي مختلف رايا ڏئي رهيا آهن, ڪي ماڻهو واقعي کي خودڪشي قرار ڏين ٿا ته ڪي وري هن واقعي کي قتل سمجهن ٿا. سوشل ميڊيا واهپيدار سيف جو ڪردار شڪي قرار ڏيڻ لڳا. واهپيدارن موجب هو مرڪ ۽ پنهنجي تعلق بابت وڪڙ ڏئي ڳالهه ڪري پيو. مرڪ ڇوساڻس بنا جواز بحث ڪندي خودڪشي تائين پهتي؟انتي نٿو ڳالهائي. مرڪ جي ڪنهن ڪنهن سان ويجهڙائپ هئي انهن جو ذڪر مبهم ڪري پيو نالا نٿو کڻي . بقول سيف جي ته ڪجهه ماڻهو اسانجي ڪردار تي اٽيڪ ڪندا رهيا؟؟ آخري رات هن جيڪي اسٽيٽس ڇڏيا ان م ڪير کوسو ۽ ڪير چولياڻي آهن انهن جا نالا هينئر ڇو ڪونه کنيائين جيڪي بقول هن جي ته جذبات م اچي لکيائين؟ 6-مرڪ جو موبائل ۽ سيف جو موبائل ۽ جن ٻين جا نالا آهن انهن جي موبائلن کي فورا محفوظ ڪري فرانزڪ ڪرائي وڃي. سيف،ٻين مشڪوڪ نوجوانن جون هڪ هفتي جون. لوڪيشنز ٽريس ڪيون وڃن. جيترو دير ٿيندي اوترو ڪيس ڪمزور ۽ ثبوت گم ٿيندا. مرڪ بابت ايڊووڪيٽ اندر جيت لوهاڻو ٻڌايو ته مرڪ مسئلن سبب پريشان هوندي هئي جيڪي الڳ معاملا آهن پر سيف سان رليشن م هجڻ ۽ آخري وقت تائين رابطي ۾.هجڻ ۽ ان بعد سيف جو ائين.گم ٿيڻ ۽ پهرين نالا کڻڻ ۽ پو ءِ پوسٽون ڊاهڻ گهڻو ڪجهه مشڪوڪ بڻائي ٿو.سيف جيڪڏهن بيڏوهي آهي ته کيس فورا پاڻ پوليس اڳيان سرنڊر ڪري پيش پوڻ گهرجي ها،
مرڪ جو مڻڪو ڀڳل ڏيکاريو ويو، شفاف جاچ ڪرائي وڃي: وومنزايڪشن فورم
حيدرآباد: وومنزايڪشن فورم حيدرآباد جي اڳواڻ عورتن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي سياسي اڳواڻ ڪامريڊ مُرڪ جان پيرزادي جي خودڪشيءَ جي خبر جو نوٽيس وٺندي وومنز ايڪشن فورم ان ئي وقت ايس ايس حيدراباد کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ھو. وومنزايڪشن فورم پاران سرگرم سياسي اڳوڻ مُرڪ جي خودڪشيءَ تي تمام گھڻي ڏک جو اظھار ڪيو ويو آھي. وومين ايڪشن فورم پاران نوجوانن ۾ خودڪشي جي وڌندڙ لاڙن تي پڻ ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو آھي. مرڪ جي پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ موت جو ڪارڻ مڻڪو ڀڃڻ ٻڌايو ويو آھي، ڊي اين اي لاءِ جزا ليبارٽري موڪليا ويا آھن. وومنزايڪشن فورم پاران مرڪ پيرزادي جي ڪيس جي ايف آئي آر داخل ڪرڻ ۽ مڪمل جاچ جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو ، جيئن ته مرڪ جو تعلق سياسي جماعت سان ھو ۽ ھو سرگرم اڳواڻ ھئي، ان ڪري ان سياسي جماعت جي ليڊرشپ کي پڻ ان پراسرار موت جو نوٽيس وٺڻ کپي، جيڪڏھن اھو قتل جي بجاءِ خودڪشي به آھي ته ان جا سبب پڌرا ٿيڻ گھرجن ۽ ان جي پس منظر ۾ جيڪي به محرڪ ھجن انھن کي نظر ۾ رکندي اڻ ڌري جاچ ڪئي وڃي. مرڪ سان رابطي ۾ رھندڙ ۽ گڏ رھندڙ سڀني فردن کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.
- مرڪ جان جو موت: جسقم پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان
رتوديرو (رپورٽ: طفيل ساريو) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته مرڪ پيرزادو سنڌ جي باشعور نياڻي ھجڻ سان گڏ پارٽي ورڪر هئي سندس جي اچانڪ وڇوڙي جو ٻڌي تمام گھڻو ڏک ٿيو آھي هي واقعو انتهائي دل ڏکوئيندڙ آهي، رتوديرو پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي صنعان قريشي وڌيڪ چيو ته مرڪ پيرزادو واري واقعي جي صحيح نموني سان جاچ ڪئي وڃي ان ۾ جيڪي به ماڻھو ملوث آھن يا ٻيو ڪوئي مسئلو آھي ته ان کي ظاھر ڪيو وڃي ته جيئن سنڌي قوم ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي، ھن وڌيڪ چيو ته جسقم پاران ھن واقعي تي 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو پارٽي پاران سندس جو ٽيجهو به ڪيو ويندو سندس جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ انصاف جي بنياد تي ڪري ان کي پڌرو ڪيو وڃي، پوليس پاران واقعي جي صحيح نموني سان جاچ نه ڪئي وئي ته ٽيجهي واري ڏينھن تي پارٽي جو اجلاس ڪوٺائي ايندڙ حڪمتي عمل جوڙينداسين.
-
مرڪ پريشان نه هئي، آپگهات نه ٿي ڪري سگهي: والد جان محمد پيرزادو
حيدرآباد: مرڪ جان پيرزادو جي والد جان محمد پيرزادي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڌيءُ سان رات جو 8 وڳي ڌاري موبائيل فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي پر هن اسان سان ڪنهن به قسم جي پريشاني يا مشڪلات جو ذڪر نه ڪيو ۽ نه ئي اسان کي محسوس ٿيو ته هوء پريشان آهي. هن چيو ته آئون پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کان اڳ ۾ ڌيء جي موت کي خودڪشي قرار نٿو ڏئي سگهان, پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪجهه چئي سگهجي ٿو, هڪدم خودڪشي واري راءِ قائم نٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته سندس نياڻي ڪجهه عرصي کان نسيم شاپنگ سينٽر واري پلازه ۾ ڪرائي جي فليٽ ۾ رهندي هئي, اسان کي واقعي واري رات 4 وڳي ڌاري اطلاع مليو هو, اهو اطلاع پلازه جي ڪنهن رهواسي جي ذريعي اسان جي هڪ نوجوان کي مليو, جنهن کانپوءِ اسان مانجهند مان نڪتاسين, پوليس ايمبولينس جي ذريعي اڳ ۾ ئي ڌيء جو لاش کڻائي سول اسپتال پهچي چڪي هئي.
-
قومي تحريڪ پوين ڪجهه سالن ۾ گهڻو ڪجهه وڃائي چڪي آهي: خالد حسين
ڪراچي(عوامي آواز) سوشل ميڊيا تي مرڪ جان پيرزادي جي پراسرار موت تي ردعمل ،صارف خالد حسين لکيو ته قومي تحريڪ پوين ڪجھ سالن ۾گهڻو ڪجھه وڃائي چڪي آهي، هن وقت قومي تحريڪ کي منظم طريقي سان اڳتي وڌائڻ لاءِپڙهيل لکيل نارين ۽ نوجوانن جي سخت ضرورت آهي مرڪ جان پيرزادو ڪيس جي شفاف جانچ ٿيڻ گهرجي، سميرا لکيو ته جيئي سنڌ ناري تحريڪ اڳواڻ ڀيڻ مُرڪ جا به ڪي قاتل ھوندا شفاف جاچ ڪري قومي اڳواڻ ڀيڻ مرڪ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي،فرزانه لکيو ته سنڌ جا عاشق پنهنجون زندگيون ارپيندڙ هوندا آهن. اهي ڪڏهن به خودڪشي ناهن ڪند، مرڪ جو قتل ٿيو آهي شفاف جاچ ڪري سنڌ ڄائي جي قاتل کي گرفتار ڪيو وڃي، انصاف ڪيو وڃي،امجد علي ڏيپر لکيو ته سوشل ميڊيا تي خبرون پيون هلن ته ڪامريڊ مرڪ پيرزادو خودڪشي ڪئي آهي پر خودڪشي ڪندڙ جو به ڪونه ڪو قاتل هوندو آهي ؟
-
مرڪ نه رهي پر سيف جي خوشي ۽ انا زندهه رهي: مرڪ جان جي ڊائري جو مبينا ورق وائرل
ڪراچي ( م ڊ ) حيدرآباد جي نسيم نگر جي فليٽ ۾ مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪندڙ ڪامريڊ مرڪ جان جي ڊائري جو مبينا ورق سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي. ڊائري جي مبينا ورق ۾ لکيل آهي ته ٻڌڻ لاءِ مان بدڪردار آ خراب آ، ماڻهو کلندا، مان جيئڻ جي آس به ڇو رکان پر سيف توکي ياد ايندس مون لاءِ لڙڪ نه هارجان، منهنجي وفا کي ياد ڪري ماتم نه ڪجان، محبت هڪ دفعو ئي ملندي آهي، ان کي حاصل ڪبو آ نه ڪي ان کي خودڪشي تي مجبور ڪبو آ، پر منهنجي خودڪشي جو ذميوار مان توکي نه لکي ويندم، محبت ئي قاتل هئي منهنجي جيڪا مون توسان ڪئي ۽ پاڻ سان ئي کڻي هلي ٿي وڃان، گهڻا ئي خواب پاڻ سان ئي کڻي اڄ موڪلايان ٿي تون خوش هجين سدائين، مرڪ نه رهي پر سيف جي خوشي ۽ انا زنده رهي
-
مرڪ قوم پرست فڪر سان سلهاڙيل هئي، جسقم ناري تحريڪ جي چيف آرگنائيزر مقرر ڪئي وئي
حيدرآباد: مرڪ جان پيرزادو قوم پرست فڪر سان سلهاڙيل هئي, هو جيئي سنڌ قومي محاذ سان گهڻو ويجهو رهي, ان ڪري کيس جسقم ناري تحريڪ جي چيف آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو, مرڪ پيرزادو جو قومپرست فڪر ڏانهن لاڙو سندس خانداني پسمنظر جي ڪري ٿيو, سندس والد به قومي تحريڪ جو سينيئر ڪارڪن رهي چڪو آهي. مرڪ پيرزادو پارٽي جي تقريبن کان ويندي احتجاجي ڌرڻن, جلسن ۽ ريلين ۾ شرڪت ڪندي رهندي هئي.
-
فليٽ مسواڙ تي وٺڻ جي معاهدي ۾ مرڪ سان گڏ سيف جتوئي به شامل
حيدرآباد: مرڪ پيرزادو جي پرسرار موت واري معاملي ۾ هڪ نئون رخ سامهون اچي رهيو آهي, نسيم نگر پوليس جو چوڻ آهي ته پلازه جي رهواسين ۽ اسٽيٽ ايجنسي وٽان مليل معلومات موجب جنهن فليٽ ۾ مرڪ جان پيرزادو مسواڙ تي رهندڙ هئي, ان فليٽ جي مسواڙ وارو ايگريمينٽ مرڪ پيرزادو ۽ سيف جتوئي جي نالي تي ٿيل آهي, جنهن ۾ ٻنهي کي هڪ رشتي ۾ ڳنڊيل ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته سيف جتوئي هڪ پراڻي سياسي اڳواڻ جو پٽ آهي. 12 جولائي 2017ع ۾ سيف جتوئي گم ٿي ويو هو, جنهن جي گرفتاري ڪراچي جي سائيٽ هاءِ وي ٿاڻي تي ٻن ڌار ڌار ڪيسن ۾ ظاهر ڪئي وئي هئي, جنهن بعد هو جيل جي قيد پڻ ڪاٽي آيو.
-
مرڪ اويس قرني قبرستان ۾ قومي جهنڊي سان مٽي ماءُ حوالي، قوم پرست سياسي اڳواڻ شريڪ
مانجهند(ن ع آ) مرڪ جان کي مانجهند ويجهو اويس قرني قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. لاش اباڻي شھر مانجهند آندو ويو . جنازي نماز هاءِ اسڪول مانجهند جي ميدان ۾ ادا ڪئي وئي جنهن.۾ وڏي انگ ۾ جسقم جي عبدالفتاح چنا، ديدار شام، قومي راڳي وقار ملاح ايس يو پي جي ڊويزنل صدر حيدرآباد خدا بخش ٿيٻو قومي ورڪرن سياسي سماجي ڪارڪنن شھرين برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد مڙھ کي ڪهاڙي وارو ڳاڙھو جهنڊو مٿان وجهي نعرن جي گونج ۾ شاهه اويس قرني قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو هوڏانهن ايس يو پي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ياسمين ٿيٻو مرڪ جان جي وفات تي سندس گهر پهچي ڏک ونڊيو .
-
مرڪ سنڌ يونيورسٽي مان ايڪانامڪس ۾ گريجوئيشن ڪئي، خانگي بينڪن ۾ ملازمت ڪندي هئي
حيدرآباد: مرڪ جان پيرزادو سنڌ يونيورسٽي مان ايڪانامڪس ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ ڪجهه سالن کان خانگي بينڪن ۾ ملازمت پڻ ڪندي هئي. مرڪ پيرزادو جي والد موجب 4 سالن کان هوء مختلف بينڪن ۾ ملازمت ڪندي رهي آهي, 15 ڏينهن اڳ هن قاسم آباد جي واڌو واهه وٽ قائم هڪ خانگي بينڪ ۾ ملازمت شروع ڪئي هئي.