آءِ ايم ايف کي خودمختيار رياستن جا واعدا جاچڻ جو حق ناهي: رضا رباني

اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينيٽر ميان رضا رباني جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف عملي کي سفيرن سان ملڻ ۽ ٻنهي خودمختيار رياستن وچ  ۾ ڪيل واعدا جاچڻ جو ڪو به حق ناهي. اڳوڻي چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني جاري ڪيل بيان ۾ آءِ ايم ايف عملي جي اهڙي قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته اها ڳالهه شرمناڪ ۽ افسوسناڪ آهي ته نگران حڪومت جي ساک ان حد تائين ڪري وئي آهي جو آءِ ايم ايف جو مقامي عملو مختلف ملڪن جي سفيرن کان اطمينان جو مطالبو ڪري رهيو آهي. رضا رباني چيو ته آءِ ايم ايف انهن ملڪن کان يقين ڏياري رهيو آهي جن پاڪستان کي مالي مدد جو واعدو ڪيو هو. هن چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان اهڙو سلوڪ ڪري رهيو آهي جنهن تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.