پاڪستان کي 70 ڪروڙ ڊالر ملندا، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي جائزي مشن ۾ اسٽاف جي سطح تي معاهدو طئي ٿي ويو، جنهن کانپوءِ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري سان پاڪستان کي 70 ڪروڙ ڊالر ملندا. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح جو معاهدو طئي ٿيڻ کانپوءِ جاري ڪيل آءِ ايم  ايف جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ عرصي ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان سمورا معاشي هدف حاصل ڪري ورتا آهن، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو امڪان آهي، مارڪيٽ بنياد تي ايڪسچينج ريٽ تي عمل جاري رکڻ ۽ سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ سڌارن جو به واعدو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايڪسچينج مارڪيٽ تي دٻاءُ گهٽ ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف موجب پروگرام تحت معاشي بحالي جاري آهي، دوست ملڪن جي سهڪار سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، وفاقي بجيٽ تي عملدرآمد سان پاليسين ۾ تسلسل آيو آهي، جڏهن ته بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ وقت سر ايڊجسٽمينٽ ڪئي وئي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان حڪومتي ادارن ۾ به سڌارن جو واعدو ڪيو آهي، پاڪستان سماجي مدد جا پروگرام بهتر ڪرڻ جو به واعدو ڪيو آهي، پاڪستان جولاءِ 2023 کان رولڙي جو شڪار پاور ٽيرف ايڊجسٽمينٽ کي لاڳو ڪيو، ڊگهي عرصي کانپوءِ پهرين نومبر 2023 کان گئس جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي. پڌرائيءَ موجب مهانگائي کي پنهنجي هدف تائين گهٽ ڪرڻ لاءِ فعال مانيٽري پاليسي جي ضرورت آهي، 70 ڪروڙ ڊالر وڌيڪ ملڻ سان آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کي جاري ڪيل رقم 1.9 ارب ڊالر ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.