جڏھن به ملڪ ۾ ڪي وڏيون تبديليون اينديون آھن ته دهشتگردي ۾ تيزي اچي ويندي آھي. لفظ دهشتگردي به هاڻ انتهائي تڪراري آھي پر هتي اسين ان کي هڪ خاص معني ۾ رياستي بيانيي جي صورت ۾ ڏسون ٿا. هن وقت خاص صورتحال آھي جو سڪيورٽي ادارا انهيءَ جو اهم ترين شڪار آھن. هي لهر اڳ کان وڌيڪ منظم آھي جو حملا سڀني دفاعي ادارن تي ٿي رهيا آھن هن ۾ وڌيڪ حملو ڪندڙ غيرقانوني طور ملڪ ۾ رهندڙ غير ملڪي آھن
گذريل ڪجهه ڏينهن کان وٺي پاڪستان جي مختلف حصن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ سيڪيورٽي اھلڪارن جي مارجڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي.ڪجهه ماهر ان کي غيرقانوني طور رھندڙ پرڏيھين خلاف ڪريڪ ڊائون جو ردعمل چون ٿا، جڏهن ته ٻيا ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان کي دهشتگرديءَ ۾ واڌ جو ڪارڻ قرار ڏين ٿا.
سومر تي قبائلي ضلعي خيبر ۾ چڪرين دوران پاڪستاني فوج جي هڪ ليفٽيننٽ ڪرنل سميت چئن اهلڪارن جو مارجي وڃڻ انهن واقعن ۾ هڪ نئون واڌارو آهي.ان کان اڳ ھن سال وجود ۾ ايندڙ شدت پسند تنظيم ’تحريڪِ جهاد پاڪستان‘ ميانوالي ۾ پاڪستان ايئر فورس جي بيس تي چوٿين نومبر تي حملو ڪري ٽن جهازن کي نقصان رسايو.
اسلام آباد ۾ ’دي خراسان ڊائري‘ سان لاڳاپيل محقق ۽ صحافي احسان الله ٽيپو محسود چوي ٿو ته شدت پسند تنظيمن خاص طور’تحريڪ جهاد پاڪستان‘ پاران ڪيل تازي حملي جو وقت ڏاڍو اهم آهي، ڇو ته ھن وقت سڄي ملڪ ۾ غير قانوني طور رھندڙ افغان مھاجرن خلاف ڪريڪ ڊائون ھلي رھيو آهي.
’تحريڪ جهاد پاڪستان‘ جو نالو پهريون ڀيرو هن سال فيبروري ۾ تڏھن آڏو آيو جڏهن ھن چمن ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي.ماهرن جو چوڻ آهي ته ان تنظيم بابت ڪا به واضح ڄاڻ ناهي، پر ھيلي تائين مليل ڄاڻ موجب ھي ’تحريڪ طالبان پاڪستان‘ جا ئي ماڻھو آھن، ۽ اھو ٽي ٽي پي جو ئي ٻيو نالو ٿي سگھي ٿو.
محسود چيو ته ”افغان پناهگيرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو بنيادي سبب اھو آھي ته طالبان انتظاميا ٽي ٽي پي کي پاڪستان ۾ وڃي حملا ڪرڻ کان نه روڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ايئر بيس تي حملو اسلام آباد ۽ طالبان حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ کي وڌائيندو.“محسود جو چوڻ آهي ته ’تحريڪ جھاد پاڪستان’ جي ماضي ۾ ڪيل اھڙن حملن بابت پاڪستاني رياستي ادارن دعويٰ ڪئي هئي ته شدت پسندن کي نه رڳو افغانستان مان مدد ملي پر افغان شهري به ساڻن ملوث هئا.
طالبان حڪومت انهن الزامن جي ترديد ڪندي رهي آهي.’ڪريڪ ڊائون تيز ٿي سگهي ٿو‘ ڪراچي ۾ افغان پناهگيرن جي هڪ اڳواڻ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته دهشتگردي جي تازن وڏن واقعن سبب افغان مهاجرن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ٿي سگهي ٿو.
نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي هڪ اداري سان ڳالھائيندي ھن چيو ته ”پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي ڪري ئي افغان پناهگيرن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، پر ڪيترن ئي سالن کان ھتي رھندڙ پناهگيرن جو ان سان پري پري تائين ڪو واسطو ناهي.“
عام چونڊون ۽ دهشتگردي جي تازي لهر ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيندي ئي ٽن صوبن ۾ دهشتگرديءَ جا وڏا واقعا ٿيڻ انهن خدشن کي وڌائن ٿا ته دھشتگردي جو اليڪشن سان ضرور ڪو تعلق آھي.ماهرن موجب ڪجهه انتها پسند تنظيمون پاڪستان ۾ جمهوري عمل کي اڳتي وڌندي نه ٿيون ڏسي سگهن.
سنگاپور جي ’راجا رتنم اسڪول آف انٽرنيشنل اسٽڊيز‘ سان لاڳاپيل محقق، عبدالباسط جو چوڻ آهي ته اليڪشن جي تاريخ جي اعلان جي 48 ڪلاڪن اندر دهشتگردي جا وڏا واقعا ٿيڻ کي چونڊ عمل برباد ڪرڻ جي ڪوشش سمجهيو ويندو.
ھن چيو ته اهي حملا سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي چونڊ مهم تي اثرانداز ٿيندا. عبدالباسط جو چوڻ آهي ته داعش جي مڪاني شاخ ’داعش خراسان‘ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻن تي حملا ڪري چونڊ عمل روڪڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، ۽ بلوچستان ۾ عليحدگي پسند تنظيمون هن ڀيري به چونڊ عمل خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون.
بلوچستان جي مڪران ڊويزن ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياسي پارٽين جي اڳواڻن تي بلوچ تنظيمن جي حملن ۽ ڌمڪين ۾ واڌارو آيو آهي.پر ٻئي پاسي ماضيءَ ۾ سياسي پارٽين کي نشانو بڻائيندڙ ’ٽي ٽي پي‘ ڪيترا ڀيرا چئي چڪي آهي ته سياسي پارٽيون، سندن جلسا جلوس ۽ عام ماڻهو سندس نشاني تي ناهن.پاڪستان ۾ 2013 جي عام چونڊن کان اڳ به ڪيترائي ڌماڪا ۽ خودڪش حملا ٿيا هئا، جن ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا هئا. سن 2018 جو چونڊ وارو سال ڪجھه چڱو گذريو، پر ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ آپگهاتي حملن جو سلسلو جاري رهيو.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان وٺي پاڪستان جي مختلف حصن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ سيڪيورٽي اھلڪارن جي مارجڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي.ڪجهه ماهر ان کي غيرقانوني طور رھندڙ پرڏيھين خلاف ڪريڪ ڊائون جو ردعمل چون ٿا، جڏهن ته ٻيا ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان کي دهشتگرديءَ ۾ واڌ جو ڪارڻ قرار ڏين ٿا.