ڇا عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ راضي ٿيندو؟

تحرير: سيد مجاھد علي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي اڳوڻن اڳواڻن پنهنجي پارٽيءَ جي باني ۽ ٻين قيد ٿيل اڳواڻن جي آزادي لاءِ مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پر اهي اڳواڻ، موجوده پارٽي قيادت جيان احتجاج ۽ ٽڪراءَ جو رستو اختيار ڪرڻ بدران، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت ذريعي مسئلن جو حل ڳولڻ چاهين ٿا. هيءَ ڳالهه يقينن هڪ سٺي اڳڀرائي آهي، جنهن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. تحريڪ انصاف جي دورِ حڪومت ۾ وفاقي وزير رهندڙ فواد چوڌري هن سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪوششن جو ذڪر ڪيو آهي. سماجي پليٽ فارم "ايڪس” تي پنهنجي بيان ۾ هن واضح ڪيو آهي ته مفاهمت ۽ ڳالهه ٻولهه ئي مسئلن جو واحد حل آهي. فواد چوڌري ڪجهه ٻين اڳوڻن اهم اڳواڻن سان گڏ لاھور ۾ قيد ٿيل پارٽيءَ جي نائب چيئرمين شاهه محمود قريشي، اڳوڻي سينيٽر اعجاز چوڌري، اڳوڻي صوبائي وزير ميان محمود الرشيد ۽ اڳوڻي گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما سان ملاقات ڪئي. فواد چوڌري ٻڌايو ته شاهه محمود قريشي به ان نقطه نظر سان متفق آهي ته قومي مفاد جي خاطر موجوده سياسي بحران مان نڪرڻ جو ڪو رستو ضرور نڪرڻ گهرجي.

فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ملڪ جي موجوده سياسي حالتن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته سياسي ڇڪتاڻ گهٽائي وڃي  ۽ اها تڏهن ئي گهٽجي سگهي ٿي جڏهن ٻنهي ڌرين مان هڪ قدم پوئتي ۽ ٻيو قدم اڳتي وڌايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪجهه سفارتي ڪاميابيون ضرور حاصل ڪيون آهن، پر ملڪ جي اندر سياسي ڇڪتاڻ جي ڪري انهن مان ڪو فائدو نه ملي سگهيو آهي. جيستائين هي سياسي ڇڪتاڻ گهٽ نٿي ٿئي، تيسين ملڪ ۾ معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام ممڪن نه ٿيندو. تنهنڪري ضروري آهي ته حڪومت هڪ قدم اڳتي وڌي ۽ تحريڪ انصاف هڪ قدم پوئتي هٽي.

موجوده صورتحال ۾ اها ڳالهه خوش آئند آهي ته تحريڪ انصاف جا ڪجهه اڳوڻا اڳواڻ معاملي جي سنگيني کي سمجهن ٿا ۽ اهو به ادراڪ رکن ٿا ته پاڪستان کي جن مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو آهي، انهن مان نڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه جو در کولڻ ۽ ٻنهي ڌرين جي رويي ۾ لچڪ پيدا ڪرڻ ئي واحد رستو آهي. فواد چوڌري جي اڳواڻي ۾ عمران اسماعيل ۽ محمود مولوي تي ٻڌل ٽن رڪني وفد حڪومت جي وزيرن ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جو ارادو رکي ٿو. ذريعن موجب، ايندڙ مرحلي ۾ علي زيدي ۽ سبطين خان جهڙا اڳواڻ به هن مفاهمتي عمل ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي به هن حڪمت عملي سان متفق آهي، تنهن ڪري اميد آهي ته تحريڪ انصاف جا وڌيڪ اڳواڻ به هن عمل جو حصو بڻجندا ته جيئن ملڪ مان سياسي ٽڪراءَ جو ماحول ختم ٿي سگهي.

فواد چوڌري جي بيان ڪيل حڪمت عملي موجب، حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ٻنهي کي هڪ ئي وقت لچڪ ڏيکارڻي پوندي. يعني حڪومت جي سخت پاليسي نرم ٿئي ۽ قيد ٿيل اڳواڻن کي ضمانتون ڏنيون وڃن، جڏهن⁠ ته تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهه ٻولهه جي ضرورت کي تسليم ڪري. هن فارمولي موجب، پهرين مرحلي ۾ حڪومت جي وزيرن ۽ مولانا فضل الرحمان سان ملاقاتن ذريعي شاهه محمود قريشي ۽ ٻين ٻئي درجي جي اڳواڻن جي ضمانتن تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانتن لاءِ ميدان هموار ٿي سگهندو. فواد چوڌري جو تجويز ڪيل منصوبو انهن ئي اصولن تي ٻڌل آهي، جن ڏانهن ملڪ جا گهڻا تجزيا نگار ڪافي وقت کان اشارو ڪري رهيا آهن  يعني سياسي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ئي اڳتي وڌاڻ جو واحد طريقو آهي. بدقسمتيءَ سان، اڃا تائين تحريڪ انصاف يا حڪومت ٻنهي طرفان ڪا حقيقي نرمي ڏسڻ ۾ نه آئي آهي. جيتوڻيڪ وزيراعظم شهباز شريف ڪڏهن ڪڏهن مفاهمتي عمل جي ضرورت تي زور ڏيندو رهيو آهي ۽ هڪ ڀيري عمران خان جي اجازت سان ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهه ٻولهه به شروع ٿي هئي، پر اها ڳالهه عمران خان جي آزاديءَ واري شرط تي اٽڪي وئي.

تحريڪ انصاف هميشه مفاهمت يا سياسي ڳالهه ٻولهه لاءِ عمران خان جي آزاديءَ کي شرط بڻايو آهي. يعني پارٽيءَ جو موقف رهيو آهي ته جيستائين عمران خان کي آزاد نٿو ڪيو وڃي، حڪومت سان سياسي ڳالهه ٻولهه ممڪن ناهي. اهو مطالبو، قانون ۽ عدالت جي عمل کان هٽي ڪري هڪ غير رواجي طريقي جي نمائندگي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ⁠ ته تحريڪ انصاف جو خيال آهي ته عمران خان کي ”ڊمي عدالتن“ حڪومت جي حڪم تي سزا ڏني آهي، جيڪا ناجائز آهي. پر حڪومت لاءِ عدالتي فيصلا موجود هئڻ باوجود ڪنهن انتظامي حڪم ذريعي عمران خان کي آزاد ڪرڻ سياسي طور ممڪن نه آهي. هاڻي فواد چوڌري عدالت ذريعي قانوني طريقي سان اڳواڻن جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ حڪومت کان رڳو اها اميد رکڻ گهرجي ته پراسيڪيوشن ضمانتن ۾ رڪاوٽ نه وجهي. هيءَ حڪمت عملي قانوني ۽ عملي ٻنهي لحاظن کان قابل قبول ٿي سگهي ٿي.

فواد چوڌري پهرئين مرحلي ۾ شاهه محمود قريشي ۽ ٻين اڳواڻن جي ضمانتن ذريعي اعتماد سازي جو ماحول پيدا ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. جيڪڏهن اهڙو قدم کنيو ويو ۽ تحريڪ انصاف ٽڪراءَ بدران سياسي مفاهمت جي طرف وڌي ته پوءِ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانتن جا امڪان به وڌي سگهن ٿا. البت اهو سڀ ڪجهه عمل ۾ آڻڻ آسان نه ٿيندو، ڇاڪاڻ⁠ ته گذريل ٻن ٽن سالن ۾ تحريڪ انصاف جي فعال قيادت ٽڪراءَ ۽ مقابلي واري رويي کي پنهنجو شعار بڻائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف، جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف احتجاج منظم ڪرڻ ۽ ڌرڻا ڏيڻ ۾ گهڻي ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي، پر سوشل ميڊيا ۽ پنهنجي حامي يوٽيوب چينلن ذريعي حڪومت ۽ فوجي قيادت تي مسلسل تنقيد ۽ پروپيگنڊا جاري رکي آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري غلط ۽ بي بنياد خبرون به شامل رهيون آهن. فواد چوڌري ۽ سندس ساٿي تڏهن ئي پنهنجي مفاهمتي حڪمت عملي ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا، جڏهن تحريڪ انصاف حڪومت مخالف پروپيگنڊا مهم کي ڪجهه وقت لاءِ روڪي ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه کي وقت جي ضرورت طور تسليم ڪري. البت اهو فيصلو صرف عمران خان ئي ڪري سگهي ٿو.

عمران خان کي اهو خدشو آهي ته جيڪڏهن هن حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته سندس سياسي پوزيشن ڪمزور ٿي ويندي ۽ سندس حامي سمجهندا ته شايد هن ڪا ”سوديبازي“ ڪئي آهي. جيتوڻيڪ عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان اهڙي سوديبازيءَ لاءِ تيار رهندو آهي، پر فوج واضح ڪري چڪي آهي ته اها ڪنهن به سياسي جماعت سان اهڙي قسم جا معاملا طئي نه ڪندي. سياسي ڌرين کي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻي گهرجي. عمران خان، موجوده حڪومت کي بدعنوان، هٿ ٺوڪي ۽ ناقابلِ اعتماد قرار ڏئي، هميشه سياسي رابطا ڪرڻ کان انڪار ڪندو رهيو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا جيل ۾ ڊگهو وقت گذارڻ کانپوءِ عمران خان واقعي سياسي مفاهمت جي ضرورت کي سمجهي ٿو يا اڳ وانگر پنهنجي ضد تي قائم رهندو.

فواد چوڌري جيڪو حڪومت کي ”هڪ قدم اڳتي وڌڻ“ جو مشورو ڏئي ٿو، ان جي عملي شڪل پڻ پيش ڪئي آهي يعني حڪومت شاهه محمود قريشي ۽ ٻين اڳواڻن جي ضمانتن ۾ سهولت فراهم ڪري. پر جڏهن ڳالهه اچي ٿي ته تحريڪ انصاف کي ”هڪ قدم پوئتي هٽڻ“ جو مشورو ته ان بابت وضاحت نه ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ ان جي بدلي ۾ اعتماد سازيءَ جا ڪهڙا قدم کڻندي؟ ۽ فواد چوڌري پنهنجي پارٽيءَ جي مختلف ڌڙن کي ڪيئن هڪ صفحي تي آڻي سگهندو؟ هن سڄي عمل ۾ اهم ڪردار عمران خان جو ئي آهي. جيڪڏهن هو به شاهه محمود قريشي وانگر فواد چوڌري ۽ ٻين اڳوڻن اڳواڻن جي مفاهمتي تجويزن سان متفق ٿي وڃي ته حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ آسان ٿي ويندي. پر جيڪڏهن عمران خان بضد رهيو ۽ سوشل ميڊيا دٻاءَ کي جاري رکيو  ته حڪومت کان به نرميءَ جي اميد رکڻ بي معنيٰ ٿيندي. تنهنڪري مناسب اهو ٿيندو ته فواد چوڌري وزيرن يا فضل الرحمان سان ملاقات ڪرڻ کان اڳ سڀ کان پهرين عمران خان سان پاڻ ڳالهه ڪري  ۽ کيس ”هڪ قدم اڳتي، هڪ قدم پوئتي“ واري منصوبي تي قائل ڪري.

عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي هاڻي ماضي جي چونڊن تي ويچارڻ بدران مستقبل جي سياسي امڪانن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. 2024ع جي چونڊن کي وساري 2029ع جي چونڊن لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي ته ايندڙ اليڪشن وقت سر ۽ شفاف طريقي سان ٿين ۽ تحريڪ انصاف کي ان ۾ بنا ڪنهن رنڊڪ جي حصو وٺڻ جو موقعو ملي. جيڪڏهن فواد چوڌري جي تجويز ڪيل سياسي فارمولي تي عمل ڪندي تحريڪ انصاف اهو مقصد حاصل ڪري ٿي  ته اها ان لاءِ وڏي سياسي ڪاميابي هوندي، ڇاڪاڻ⁠ ته اڳواڻن جي ضمانت تي آزاديءَ جو عمل، سياسي مفاهمت هي شروعات ثابت ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.