ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺن کي ڊاهڻ جو هلندڙ سلسلو آخر ڪڏهن بند ٿيندو؟

تازو جڏهن ڪراچي جي علائقي جمالي پل ڀرسان، اسڪيم 33 ۾ نور محمد برفت ڳوٺ تي ريوينيو، اينٽي اينڪروچمينٽ ۽ سپر سائيٽ ٿاڻي جي پوليس ڀاري مشينريءَ سان چڙهائي ڪئي. ڳوٺ تي جڏهن سرڪاري عملو پهتو ته عورتون، مرد ۽ ٻارڙا جيڪي ڏهاڪن کان اتي آباد آهن، پنهنجا گهر بچائڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيا. جيڪي  اهو ڏسي رهيا آهن ته ڪراچيءَ ۾ سندن گهر ۽ ڳوٺ هڪ سازش تحت ميساريا پيا وڃن. ڳوڻاٺن جو چوڻ آهي ته  انتظاميا  هڪ بلڊر جي چرچ تي ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ لاءِ ڀاري مشينري ڪاهي آئي آهي، جڏهن⁠ ته اها زمين سندن موروثي ملڪيت آهي، جتي سندن وڏا ڏهاڪن کان آباد آهن. هنن چيو ته نور محمد ڳوٺ جي زمين جو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي (ڪيس نمبر 24/2009 S.B.)، جنهن جي ٻڌڻي 11 نومبر 2025 تي مقرر آهي، پر ان باوجود انتظاميا قانون جي پيروي ڪرڻ بدران گهر ڊاهي رهي آهي. اهو عمل رڳو غير قانوني نه پر غير انساني به آهي. عدالت ۾ ڪيس هلڻ دوران ڪنهن به سرڪاري اداري کي ڪو به اخلاقي يا قانوني حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن جي گهرن تي چڙهائي ڪري کين بي گهر ڪري. پر هتي ته ڳالهه قانون کان به اڳتي نڪري وئي آهي.

ڪراچي جي سنڌي ڳوٺن جي مسماري ڪا نئين ڳالهه ناهي. گذريل ڏهاڪن کان هڪ منظم طريقي سان سنڌي ڳوٺن کي ”غير قانوني قبضا“ قرار ڏئي ڊاهيو وڃي ٿو، جڏهن⁠ ته انهن ئي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ مالڪي جا ثبوت، ليز جا ڪاغذ ۽ موروثي حق موجود آهن. پر سرڪاري ادارن، بلڊرن ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي ڳٺ جوڙ سان سندن گهرن ۽  زمينن تي قبضن جو سلسلو جاري آهي.

هي معاملو رڳو گهر ڊاهڻ نه آهي، هي ته تاريخ ميسارڻ آهي، تهذيب ميسارڻ آهي. سنڌي ڳوٺ ڪراچي جي اصل سڃاڻپ آهن. انهن ڳوٺن ۾ ڪراچيءَ جي قديم تهذيب، سنڌي ٻوليءَ، سنڌي روايت ۽ گڏيل برادريءَ جو اهو احساس زنده آهي، جيڪو شهر جي ڪنڪريٽن جي ديوارن ۾ گهڻو اڳ مري چڪو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته صوبائي حڪومت پاڻ کي سنڌ دوست ۽ عوام دوست سڏائي ٿي، پر جڏهن سنڌ جي ماڻهن تي ظلم ٿئي ٿو، انهن جا گهر ڊاهيا وڃن ٿا، انهن جي زمينن تي بلڊر مافيا قبضو ڪري ٿي، ته اها حڪومت خاموش تماشو بڻيل نظر اچي ايندي آهي. جنهن کي سنڌ جا ماڻهو رڳو ووٽن لاءِ ياد ايندا آهن، باقي سندن درد، سندن ڳوٺ ۽ سندن گهر ڪنهن جي به ترجيح ۾ شامل ناهن؟

ڪراچي جي سنڌي ڳوٺن کي ڊاهڻ جو سلسلو، جيڪو ڪيئي ڏهاڪا اڳ ۾ شروع ٿيو هو، سراسر بدنيتي ۽ تعجب تي ٻڌل آهي، سڄي شهر ۾ رڳو سنڌي ڳوٺن کي نشانو بڻائي هڪ طرف اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سنڌي ماڻهو قبضاگير آهن ته ٻئي پاسي سندس اجها پٽ ڪري کين بي گهر بڻائي انهن ئي پنهنجي ئي شهر مان تڪڙڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،  جڏهن ته ڏٺو وڃي ته شهر  جي پارڪن کان ويندي راندين جي ميدان تائين ۽ ايتري قدر جو گندي نالن تي ڌارين جو قبضو آهي، جتي اهي سالن کان رهائش پذير آهن پر لاڳاپيل ادارا انهن جي خلاف ڪا ڪارروائي ڇو نٿا ڪن؟  ڇا اهي ملڪي قانون کان مٿانهان ۽ پهرين درجي جا شهري آهن. حڪومتي ادارن کي اهڙي ٻٽي، متضاد ۽ تعصبي روين  کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

ريوينيو ۽ اينٽي اينڪروچمينٽ جا ادارا جيڪڏهن واقعي ”قبضا مافيا“ خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن ته پوءِ انهن بلڊرن خلاف به ڇو نه ٿا ڪن جيڪي سوين ايڪڙ زمين تي غير قانوني اسڪيمون اڏين ٿا؟ رڳو سنڌي ماڻهن کي ”قبضاگير“ قرار ڇو ٿو ڏنو وڃي ٿو؟ ڇا اهو انصاف آهي ته طاقتور کي قانون کان مٿانهون ۽ ڪمزور کي قانون جي نالي تي لتاڙيو وڃي؟ هي صورتحال ڪنهن به مهذب سماج لاءِ شرمناڪ آهي. جتي ادارا پنهنجي شهرين کي تحفظ ڏيڻ بدران، بلڊرن ۽ بااثر ماڻهن جي سهولتڪاري ڪن، اتي انصاف جو تصور ئي مري وڃي ٿو. عدالت ۾ ڪيس هلڻ باوجود سرڪاري مشينريءَ جو چڙهائي ڪرڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته رياست اندر ادارا قانون بدران مفادن جي تابع ٿي چڪا آهن.

سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪرڻ جو هي سلسلو جيڪڏهن جاري رهيو ته ايندڙ نسلن لاءِ ڪراچيءَ ۾ سنڌي سڃاڻپ جو ڪو نشان باقي نه رهندو. هيءَ ڌرتي جنهن کي شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي. ايم. سيد ۽ ٻيا سياستدان ”سنڌ جي روح“ سڏيندا هئا، سا ڌرتي اڄ پنهنجن ئي ماڻهن لاءِ اجنبي بڻجي رهي آهي. حڪومت  جو ڪم عوام کي بي گهر ڪرڻ نه  پر انهن کي تحفظ ڏيڻ آهي. جيڪڏهن انتظاميا هر فيصلي ۾ طاقتور ڌرين جي پيروي ڪندي رهندي، ته پوءِ عوام جو قانون تي اعتماد ختم ٿي ويندو. اسان حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور نور محمد برفت ڳوٺ ۽ اهڙن ٻين سنڌي ڳوٺن خلاف ٿيندڙ ڪارروايون بند ڪيون وڃن، عدالت ۾ هلندڙ ڪيس جي نتيجي تائين ڪنهن به قسم جي ڀڃ ڊاهه يا چڙهائيءَ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ انهن ڳوٺاڻن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو ثبوت ڏيندي، پنهنجو وجود بچائڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن. هي ڌرتي انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي ان سان جيئندا ۽ ان ۾ مرندا آهن. ڪراچيءَ جي سنڌي ڳوٺن کي ڊاهڻ دراصل سنڌ جي تاريخ ۽ سڃاڻپ کي ميسارڻ جي برابر آهي ۽ جيڪو پنهنجي تاريخ وساري ڇڏي، اهو پنهنجو مستقبل به وڃائي ويهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.