حيدرآباد ۾ ڊينگي تي ضابطو نه آيو، 2 ناريون فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڊينگي تي ضابطو نه اچي سگهيو. حيدرآباد ۾ وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا. فوتين جو انگوڌي 27 ٿي ويو آهي، مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد جي پڪي قلعي جي رهواسڻ فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي حانيا ڌيءَ شاهد فوت ٿي وئي، حانيا کي هڪ هفتي کان بخار هيو. جنهن جو علاج هلندڙ هيو پر هوءِ بچي نه سگهي. جڏهن ته سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل لطيف آباد جي رهواسڻ 18 سالن جي عليشا جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. عليشا کي 3 ڏينهن اڳ ڊينگي جي تشخيص ٿي هئي، حيدرآباد ۾ ڊينگي جا ڪيس تيز ٿي ويا آهن. روزانو جي بنياد تي سول اسپتال. ڀٽائي، حلال احمر ۽ قاسم آباد ۾ ڪيترائي ڊينگي جا مريض اچي رهيا آهن. توڙي جو انتظاميا ايمرجنسي لاڳو ڪري مڇرمار اسپري ڪري رهي آهي پر ڊينگي تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي.

سنڌ ۾ ڊينگي جا هڪ هزار 340 نوان ڪيس

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي صحت کاتي سموري صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پوري سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مجموعي طور 3 هزار 680 ڊينگي جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1 هزار 340 ڪيس پازيٽو  آيا. ڪراچي ڊويزن ۾ 2 هزار 32 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن ۾ 590 پازيٽو ڪيسن جي تصديق ٿي. حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 648 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 750 ڪيس پازيٽو آيا. صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 99 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ 80 نوان مريض داخل ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري اسپتالن مان 74 مريض، جڏهن ته پرائيويٽ اسپتالن مان 126 مريض صحتياب ٿي گهر هليا ويا. سيڪريٽري ريحان بلوچ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري صوبي جي ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ ڪا به موت رپورٽ نه ٿي آهي. هن وقت صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل مريضن جو تعداد 238 آهي، جڏهن ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ داخل مريضن جو تعداد 196 آهي

 پي ڊي ايم اي سنڌ پاران متاثر ضلعن ڏانهن امدادي سامان روانو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ ۾ ڊينگي ۽ مليريا جي وڌندڙ ڪيسن سبب پروونشل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) سنڌ متاثرضلعن ڏانهن امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو آهي۔ ڊپٽي ڪمشنرن جي درخواست تي مختلف ضلعن ۾ ڊينگي کان بچاءَ لاءِ ضروري سامان جي فراهمي جو عمل جاري آهي۔ ترجمان پي ڊي ايم اي سنڌ موجب، ضلع ڄامشورو جي ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (ڊي ڊي ايم اي) کي 6 هزار مڇردانيون، 16 ويل چيئرز ۽ 3 فوگنگ مشينون فراهم ڪيون ويون آهن۔ ساڳي طرح، ٽنڊوالهيار ۽ سانگهڙ جي ڊي ڊي ايم ايز کي 5، 5 هزار مڇردانيون ڏنيون ويون آهن، جيئن ضلعن ۾ ڊينگي کان بچاءَ جي مهم کي وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي، ڊي جي پي ڊي ايم اي سنڌ سيد سلمان شاهه چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي بحالي کاتي واري صلاحڪار گيانچند ايسراڻي جي هدايتن تي متاثر ضلعن کي فوري طور امدادي سامان فراهم ڪيو پيو وڃي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.