پشاور سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ڌماڪو، اهلڪار شهيد، هنگو ۾ پوليس تي حملو

پشاور(م ڊ) پشاور جي سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ڌماڪي کان پوء هڪ اهلڪار شهيد جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي ٿي ويا. پشاور ۾ يونيورسٽي روڊ تي واقع سي ٽي ڊي ٿاڻي جي هٿيار رکڻ جي جاءِ ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي ويا. سي سي پي او جي مطابق ڌماڪو اسلحہ خاني ۾ رکيل پراڻي ڌماڪيدار مواد جي ڦاٽڻ سبب ٿيو، جنهن سبب وڌيڪ ڌماڪا ٿي ويا ۽ عمارت جو هڪ حصو ڊهي پيو. پوليس مطابق، ٿاڻي ۾ موجود جوابدارن کي سي ٽي ڊي هيڊڪوارٽر منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٿاڻي ۽ آس پاس جا علائقا سيل ڪري ڇڏيا ويا آهن. هنگو ۾ اعليٰ پوليس افيسرن جي قافلي تي حملي ۾ ، ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي ويا آهن. دوآٻي وٽ ايس پي انوسٽيگيشن عبدالصمد، ڊي ايس پي ٽل مجاهد ۽ ايس ايڇ او عمران الدين جي قافلي تي آئي اي ڊي کان حملو ڪيو ويو. پوليس مطابق، حملي ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿي ويا .

  1. سنڌياڻي تحريڪ پاران مارچ جون تياريون جاري

حيدرآباد(پ ر) سنڌياڻي تحريڪ طرفان 16 نومبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ “سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ” جون تياريون تيزي سان جاري، جنهن لاءِ سموري سنڌ ۾ سجاڳي مهم هلائي پئي وڃي ۽ مختلف ڳوٺن، شهرن ۽ تعلقن جا دورا شروع ٿي چڪا آهن۔ ان سلسلي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، آمنه ڪيڙانو ۽ شمائلا جروار ميرواهه، ڪوٽ غلام محمد، ڳوٺ بچل خاصخيلي ۽ ٻين ڳوٺن جا دورا ڪيا  جڏهن ته سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سڀاني ڏاهري، پرڀات هاليپوٽو ۽ زرقا فاضل ڪڙيو گهنور، محمد ماڇي، سهراب نظاماڻي، سهراب نظاماڻي، موسي رند ۽ گولاڙچي ۽ ٻين ڳوٺن جا دورا ڪري عورتن کي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته عورتن، هارين، مزدورن، شاگردياڻين ۽ سياسي شعور رکندڙ ماڻهن ۾ تيزي سان شعور پيدا ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي زمين، پاڻي، وسيلن ۽ وحدت خلاف جاري سازشن کي روڪڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ضروري آهي۔

  1. اورنگي ٽائون ۾ گهر کي باهه، ماءُ ۽  ڌيءَ سڙي فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون شاهه فيصل چوڪ ويجهو هڪ گهر ۾ باهه لڳڻ جي واقعي دوران ماءُ ۽ ڌيءَ سڙي فوت ٿي ويون، پاڪستان بازار ٿاڻي جي حدن ۾ سيڪٽر 14-جي، گهٽي نمبر 2، گهر نمبر 39 ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جيڪا ڪجهه ئي وقت ۾ ڀرپاسي پکڙجي وئي، علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو ٽيمون به واقعي واري جاءِ تي پهتيون، باهه دوران گهر ۾ موجود ٻه عورتون سڙي زخمي ٿيون جن کي ايڌي ايمبولنس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويون، پوليس موجب فوت ٿيل عورتن جي سڃاڻپ 50 ورهين جي ڪليم النساءَ ۽ 25 ورهين جي عتيقه طور ٿي آهي، جيڪي ماءُ ۽ ڌيءَ آهن، علائقي واسين موجب باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، پر پوليس کي شڪ آهي ته حادثو گئس ليڪيج سبب به ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.