مستقبل جي جمهوري بنياد کي مضبوط ڪرڻو آهي ته پوءِ ماضيءَ جي لڪيل پاسن جو به جائزو وٺڻو پوندو.اسان کي ڏسڻو پوندو ته ميان صاحب ۽ خان صاحب کي ڇو ۽ ڪيئن ڪڍيو ويو،انھن ٻنهي جي نيڪالي ۾ ڪيتري هڪجهڙائي ۽ ڪيترو فرق آهي ؟ ميان صاحب اقتدار مان نڪتو تھ چوندو رهيو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ خانصاحب حڪومت مان ويو تھ جنرل باجوا کي ڏوھ ڏيندو رھيو.ٻنھي جي نيڪالي ۾ ھڪجھڙي ڳالهه اها آھي تھ ٻنھي جي موڪلاڻي جنرل باجوا جي دور م ٿي. ميان صاحب کي ڪڍڻ لاءِ، مي لارڊز جو ڪلهو ڪتب آيو ۽ خان صاحب کي سندس مخالفن گڏجي بي اعتماديءَ ذريعي روانو ڪيو.
ميان صاحب کي هٽائڻ بابت ڪيترائي معاملا اڃا به پردي پٺيان لڪيل آهن،اصل ۾ ميان صاحب جا معاملا جنرل راحيل شريف کان ئي خراب ٿيا هئا،جيتوڻيڪ جنرل راحيل شريف جي مقرري گھڻي سوچ ويچار سان ڪئي وئي ھئي.آرمي چيف ٿيڻ سان ئي جنرل راحيل شريف جن چئن پنجن سينيئر جنرلن کي پنهنجو صلاحڪار ڪيو، اهي سڀ ميان صاحب جي خلاف هئا ۽ اهي ئي مشير ھر روز جنرل راحيل شريف کي ڀڙڪائيندا ھئا.
نار جي ھڪ ملڪ جي سربراهه جنرل راحيل شريف کي 60 ڪروڙ ڊالرن جو جهاز تحفي ۾ پيش ڪرڻ جو واعدو ڪيو ته ميان صاحب جنرل راحيل شريف کي اهو جهاز وٺڻ کان منع ڪئي تھ توھان اھو جھاز نھ قبوليو،پر راحيل شريف اها ڳالهه نه مڃي، وزيراعظم پنھنجي سيڪريٽري کان ان حوالي سان باضابطا خط لکرايو. پر جنرل راحيل شريف اھو جهاز گھرائي ورتو.
ٻيو واقعو اهو ٿيو ته سعودي عرب جي دوري دوران جڏهن ميان صاحب جي شاهه سليمان سان ملاقات ٿي ته اوچتو کيس ٻڌايو ويو ته جنرل راحيل شريف تجويز ڪيل اسلامي فوج جو سربراهه هوندو.وزيراعظم کي ڏاڍو صدمو پهتو جو کيس تھ اھا خبر به نه هئي، کيس اوندهه ۾ رکي ڪري مٿان ئي مٿان اهو فيصلو ڪيو ويو، صورتحال ڪجھھ اهڙي هئي جو ميان صاحب کي فوري طور ها ڪرڻي پئي.کيس نھ سوچڻ جو موقعو مليو ۽ نھ ئي صلاح ڪرڻ جو وقت ئي مليو. ٽيون واقعو اهو ٿيو ته سعودي وزيردفاع سان پاڪستاني وفد جي ملاقات طيھ ھئي، وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير خواجا آصف کي ٻڌائڻ کانسواءِ ئي بلڪه انهن کان لڪائي جنرل راحيل شريف کي وفد جو سربراهه بڻايو ويو. جڏهن وزيراعظم کي خبر پئي ته هن خواجا آصف کي چيو ته نه، توهان وفد جي سربراهي ڪندا ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو.آخري تڪرار جنرل راحيل شريف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو هو، جنرل راحيل ڪيترائي پيغام موڪليا پر ميان صاحب توسيع تي راضي نه ٿيو، جيتوڻيڪ ھن کي پيغام به ڏنو ويو ته پاناما جو معاملو حل ٿي ويندو. جيڪڏھن توھان واڌ ڏني تھ.
ميان صاحب مدي وڌائڻ تي راضي نه ٿيو ۽ جنرل باجوا کي وٺي آيو، جنرل باجوا شروع ۾ ميان صاحب جو حامي هو ۽ جنرل راحيل شريف ۽ سندس صلاحڪارن جي خلاف هو،ڌرڻي ۾ ھن جي حمايت ۾ کليل نموني ڳالھائي چڪو ھو.مونکي چيو تھ جنرل راحيل شريف جھاز وٽي غلط ڪيو ھو. جنرل باجوا پاناما جي معاملي ۾ اھو چئي چڪو ھو تھ، مان ان ۾ نه ايندس، ٻيو ھن چاهيو پئي تھ ڊان ليڪس جي ذميوارن کي حڪومت مان ڪڍيو وڃي، جنرل باجوا سان معاملا ڊان ليڪس تي خراب ٿيا.چيو وڃي ٿو تھ ڊارصاحب باجوا سان صلاح مشوري کانپوءِ فواد حسن فواد کي چيو تھ خط جاري ڪيو وڃي، خط جاري ٿيو تھ باجوا صاحب ٽوئيٽ بھ ڪرائي ڇڏي ۽ ناراض بھ ٿي ويو،بعد ۾ معاملن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش بھ ڪئي وئي پر پوءِ اھي سنڀلجي نھ سگھيا ۽ ادارن ۽ مي لارڊز جي گڏيل سهڪار سان ميان صاحب کي نااهل قرار ڏنو ويو.خان صاحب کي جنرل باجوا ۽ اسٽيبلشمينٽ جي باقي ساٿين وڏي شوق سان اقتدار ۾ آندو، نواز شريف جي موڪلاڻي کان پوءِ سڄو وزن خان صاحب جي پلڙي ۾ وڌو ويو.
2018ع جي اليڪشن ۾ مقتدرا سمورو زور لڳائي نون کي شڪست ڏياري ۽ تحريڪ انصاف کي کٽرايو ويو.خانصاحب اقتدار ۾ آيو ته جنرل باجوا شروع ۾ سندس ڀرپور حامي رھيو.ميڊيا ۾ خان تي تنقيد ڪندڙن کي وارننگ ڏني وئي پر پوءِ صورتحال تبديل ٿيڻ لڳي. جڏهن جنرل عاصم منير کي آءِ ايس آءِ کان هٽايو ويو ته فوج جي حوالي سان خان صاحب جو اهو پهريون وڏو فيصلو هو، ان تي عمل تھ ٿي ويو، پر هڪ حلقي ۾ تلخي پکڙجي وئي. جنرل باجوا ۽ سندس ساٿي جتي بوزدار ۽ محمود خان جي گورننس کان ناخوش هئا،اتي گوگي۽پنڪي پيرڻي جا منفي اطلاع بھ ھنن جي ڪنن تي پھچي رھيا ھئا.جنرل باجوا، خان صاحب تي سڀ کان پهرين تنقيد پنھنجي نجي حلقي ۾ شروع ڪئي، هڪ نقطو تھ اهو هو ته، هو احتساب ۽ پنھنجي واکاڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار نھ ھوندو ھو، جنرل باجوا چاهيو پئي تھ اپوزيشن سان بھ ڪجھ معاملا طئي ٿيڻ کپن.سندس تنقيد جو ٻيو نقطو اهو هو ته ملڪي معيشت خراب صورتحال جو شڪارٿي رھي آهي، خان صاحب جي حڪومت جي آخري ڇهن مهينن ۾ جنرل باجوا اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته خان صاحب کي آڻي وڏي غلطي ڪئي ۽ هاڻي ان جو توڙ ڪرڻو پوندو.ان وچ ۾ جنرل باجوا جو ملڪ محمد احمد خان جي معرفت شهباز شريف سان خط ۽ پيغام ذريعي رابطو رھيو ھو. جنرل باجوا آخري دم تائين خان صاحب کي هٽائڻ ۾ ٻڌتر جو شڪار رھيو. بلاول ڀٽو ٻڌائي چڪو آهي ته بي اعتماد جي رٿ جي آخري ڏينهن ۾ جنرل باجوا پيغام ڏنو ھو تھ بي اعتمادي رٿ واپس ورتي وڃي، پر پي ڊي ايم، سندس مشورو نه مڃيو.
خان صاحب سان مقتدرا جي فيصلي ڪندڙن جي اصل لڙائي جنرل فيض حميد کي ھٽائڻ تي مزاحمت سان شروع ٿي.چيو وڃي ٿو تھ جنرل باجوا اھو ٽرانسفر آرڊر خان صاحب سان مشوري بعد ڪيو ھو پر ان باوجود جڏھن آءِ ايس پي آر ٽرانسفر جو اعلان بھ ڪري ڇڏيو تھ ان تي عمل نه ڪيو ويو، ائين تڪرار وڌي ويو.اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ چوڌري فواد چاهيو پئي تھ ڪنھن بھ صورت ۾ جنرل باجوا ۽ مقتدرا کي ناراض نه ڪيو وڃي، ان ڪري اهي خان صاحب تي دٻاءُ وجهي ڪري جنرل نديم انجم کي آءِ ايس آءِ جو سربراهه بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پر ان دوران جيڪا تلخي پيدا ٿي وئي اھا ڪڏهن به گھٽجي نھ سگهي.
ٻئي وزير اعظم اقتدار کان ٻاهر آيا ته ٻنهي مقتدرا مخالف بيانيئو اختيار ڪيو، ميان صاحب ’ووٽ کي عزت ڏيو‘ جي ڳالهه ڪئي، جنرل باجوا ۽ جنرل فيض کي پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين جو ذميوار قرار ڏنو، ٻئي طرف خان صاحب مقتدرا مخالف بيانيئي سان گڏوگڏ پنهنجي سياسي مخالفن کي معاف نه ڪرڻ جو موقف جاري رکيو.ميان صاحب مقتدرا خلاف جارحاڻي بيانيئو ضرور اختيار ڪيو پر ڳالهين جا دروازا بند نه ڪيا، جڏهن جنرل باجوا جي مدي ۾ واڌ جو معاملو آيو ته هن پنهنجي بيانيئي جي خلاف ٿي ڪري کيس ايڪسٽينشن ڏني، پر خان صاحب اها لچڪ نه ڏيکاري سگهيو. ھو مقتدرا سان ناراض ٿيو تھ اڳتي ئي وڌندو رھيو تان جو 9 مئي اچي وئي. سياست ۾ لچڪ ضروري آهي، خان صاحب کي مشڪل آسان ڪرڻيون آھن تھ ڳالهين جا دروازا کولي.
مستقبل جي جمهوري بنياد کي مضبوط ڪرڻو آهي ته پوءِ ماضيءَ جي لڪيل پاسن جو به جائزو وٺڻو پوندو.اسان کي ڏسڻو پوندو ته ميان صاحب ۽ خان صاحب کي ڇو ۽ ڪيئن ڪڍيو ويو،انھن ٻنهي جي نيڪالي ۾ ڪيتري هڪجهڙائي ۽ ڪيترو فرق آهي ؟