جنرل ساحر شمشماد کي ”ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف آنر“ سان نوازيو ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل ساحر شمشاد مرزا کي سعودي عرب جي ”ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف آنر“ سان نوازيو ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب جنرل ساحر شمشاد مرزا کي پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، خاص طور عسڪري سطح تي مضبوط رابطا قائم ڪرڻ ۾ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ اعليٰ اعزاز سان نوازيو ويو.
بيان موجب جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين کي ”ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف آنر آف دي ايڪسيلنٽ ڪلاس“ عطا ڪيو ويو، اهو سعودي عرب جي اعليٰ ترين فوجي ۽ شهري اعزازن مان هڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.