ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ روڊن جي بندش جي هڪ نئين لهر شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، مسلسل دير جي شڪار ريڊ لائن بس ريپڊ ٽرانزٽ منصوبي اڳ ۾ شهر جي اهم روڊن کي تعميراتي زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هاڻ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سسٽم امپروومينٽ پراجيڪٽ جو نئون منصوبو يونيورسٽي روڊ تي کوٽائي، رنڊڪن ۽ ٽريفڪ جام جو سلسلو آڻي رهيو آهي.
اختيارين موجب نيپا چورنگي کان وفاقي اردو يونيورسٽي تائين يونيورسٽي روڊ جو هڪ حصو 10 نومبر کان 30 ڊسمبر تائين بند رهندو.
هڪ سينيئر اهلڪار موجب اها بندش 96 انچ ۽ 72 انچ قطر جي نئين پائپ لائن وڇائڻ لاءِ ضروري آهي، جيڪو ڪي 4 منصوبي جي واڌو حصي ۾ شامل آهي.
تقريبن 2.7 ڪلو ميٽر ڊگهو حصو شهر کي پاڻي جي فراهمي جي نظام ۾ بهتري لاءِ نئين لائنن جي نيٽ ورڪ جو حصو بڻجندو.
پراجيڪٽ دستاويز موجب پاڻي جي لائن وڇائڻ جي منصوبي جو پهريون مرحلو نيپا چورنگي کان وفاقي اردو يونيورسٽي تائين هوندو، جڏهن ته ٻيو مرحلو حسن اسڪوائر کان نيپا چورنگي تائين هوندو.
اختيارين 30 ڊسمبر جي ڊيڊ لائن مقرر ڪئي آهي پر شهر ۾ منصوبن جي دير کي ڏسندي شهري ان منصوبي تي شڪ شبها ظاهر ڪري رهيا آهن.
You might also like