وزيراعظم ٿيڻ جون دعوائون

تحرير: غلام حسين جوڻو

پاڪستان ، هڪ جمهوري ملڪ آهي. جنهن جو وزير اعظم اليڪشن جي ذريعي چونڊيو ويندو آهي. هاڻ به عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن. اهي اٺين فيبروري 2024 ع تي ٿينديون. انهيءَ چونڊ ۾ ، عوام پنهنجي ووٽ جي ذريعي راءِ جو اظهار ڪندو. ان سلسلي ۾ سياسي ڌرين عوام سان رابطا ڪرڻ شروع ڪيا آهن. ڪي نوان سياسي اتحاد به ٺهي رهيا آهن. خير، چونڊون اڃا ٿيون ڪونه آهن. هينئر کان سياستدان بيان بازي ڪندا وتن ۽ اها دعويٰ ڪن پيا ته ملڪ جو نئون وزير اعظم سندن ئي پارٽي جو مقرر ٿيندو.

ان ڏس ۾ ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت آصف علي زرداريءَ جو چوڻ آهي ته ، ملڪ جو چونڊيل نئون وزير اعظم بلاول ڀٽو ٿيندو. سندس ئي پارٽي مذڪوره عام چونڊن ۾ ، سڄي ملڪ مان ڪاميابي ماڻيندي. جنهن ڪري ان پارٽي مان ئي وزيراعظم منتخب ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيڻ جو مضبوط اميدوار آهي. اها، ڳالهه هن ڪيترائي دفعا ٻڌائي آهي. تازو ، نوابشاهه ۾ جيالن کي خطاب ڪندي به چيو اٿس. تنهن کان علاوه سنڌ جي سابق وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ چيو آهي ته ، وفاق ۾ ايندڙ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهيندي. جنهن جو وزيراعظم بلاول خان زرداري ڀٽو هوندو. هن موصوف به اهڙا بيان ڪيترائي دفعا ڏنا آهن.پاڪستان پيپلس پارٽي جو سرڪردره اڳواڻ نثار کهڙو به پنهنجن بيانن ۾ اها دعويٰ ڪري چڪو آهي ۽ وڏي واڪي چيو اٿس ته مستقبل قريب ۾ ٺهندڙ حڪومت جو اڳواڻ ۽ وزير اعظم بلاول زرداري ڀٽو ئي هوندو. جڏهن ته سيد خورشيد شاهه جو موقف به ساڳيو آهي. پاڪستان پيپلس پارٽي جو اڳواڻ ، منظور وساڻ به اڳڪٿين ڪرڻ جو ماهر آهي کيس خوابن جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو. ان جو بيان به اخبار ۾ ڇپيو هو. جيڪو منهنجي نظر مان گذريو. سندس بيان موجب ، بلاول صاحب کي ملڪ جو وزيراعظم ڪيو ويندو.

هاڻي ڏسجي ته ، اها اڳڪٿي ڪيتري قدر درست ثابت ٿئي ٿي. سندس ، اهو، خواب پورو ٿئي ٿو يا نه؟ يا اهو خواب اڌورو ئي رهجي ويندو. اها، خبر چونڊن کان پوءِ پئجي ويندي. ان سلسلي ۾ هن وقت ڪا راءِ قائم ڪري نه ٿي سگهجي. اهو ، سڀ ڪجهه اڳتي هلي واضح ٿي ويندو. في الحال ان حوالي سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. بهرحال نه رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي جا مٿيان اڳواڻ بلاول ڀٽي زرداري کي وزير اعظم ٿيڻ جا خواهشمند آهن. پر انهيءَ پارٽي جا ٻيا سمورا اڳواڻ اها ساڳئي ڳالهه ۽ دعويٰ ڪن ٿا جن جو تفصيل سان هن ننڍي مضمون ۾ ذڪر ڪري نه ٿو سگهان. اهو هڪ ڊگهو ۽ وڏو موضوع آهي. جنهن ڪري اختصار کان ڪم وٺي رهيو آهيان.  ان کان علاوه جيالن  ۽ همدردن جو به اهو ساڳيو ئي خيال آهي. ان سلسلي ۾ مختلف اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن. ڪيتريون ئي ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن. مختلف رايا ۽ تبصرا سامهون اچي رهيا آهن. عوام ٻن بلڪه ٽن حصن ۾ ورهائجي چڪو آهي. هاڻ ڏسجي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڄاڻايل پارٽي جي ڪهڙي پوزيشن ٿي بيهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم جو عهدو ملي ٿو يا نه؟ ڪٿي ايئن ته ڪونه آهي ته ذڪر ڪيل اڳواڻن جا بيان سياسي هجن. ان کان اڳتي ڪجهه به نه هجي. صرف عوام کي آسرو ڏنو پيو وڃي. ان امڪان ۽ خدشي کي به هر گز رد ڪري نه ٿو سگهجي. بهرحال سياستدانن ، مبصرين ۽ مندوبين جي بيانن کي ٻڌڻ سان ڪيترائي مونجهارا پيدا ٿي رهيا آهن.

هڪ طرف ، اها صورتحال آهي ته ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ به اها دعويٰ ڪن پيا ته ، ملڪ جو نئون وزيراعظم نواز شريف ئي ٿيندو. اهو ، ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي سگهي ٿو. ملڪ کي ترقي جي راهن تي گامزن ڪري سگهي ٿو. عوام کي بدحالي واري زندگي مان ڪڍي خوشحالي جي طرف وٺي وڃي سگهي ٿو. ، لاهور ۾ هڪ جلسي کي پڻ خطاب ڪيو. جلسي ۾ “وزير اعظم نواز شريف” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. ان کان علاوه نواز شريف جا ضبط ڪيل اثاثا واپس ڪرڻ جو حڪم به جاري ٿيو آهي. اهو حڪم اسلام آباد جي احتساب عدالت ڏنو آهي. مريم نواز جي دعويٰ آهي ته ، ملڪ جو نئون وزيراعظم نواز شريف ئي ٿيندو. هن تي ڪو به ڪيس ثابت نه ٿي سگهيو آهي. هاڻ هو چوٿون دفعو ، پاڪستان جو وزير اعظم ٿي ، ملڪ کي سمورن بحرانن مان ، مشڪلاتن ۽ ڏکيائين مان ڪڍندو.کيس ملڪ هلائڻ جو تجربو آهي. اهڙو هڪ بيان رانا ثناءَ الله ، چند ڏينهن اڳ ۾ به ڏنو آهي. جنهن ۾ چيو اٿس ته ، مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي يقيني آهي. اها جماعت سڄي ملڪ مان اڪثريت سان چونڊون کٽيندي. نتيجي ۾ نواز شريف صاحب ملڪ جو وزير اعظم ٿيندو. اسحاق ڊار ، سعد رفيق ۽ ٻيا ڪيترائي مسلم ليگي اها ڳالهه وڏي واڪي چئي رهيا آهن ان کان علاوه ملڪ جي عوام جي اڪثريت جو به تقريبن ساڳيو خيال آهي.

بهرحال ان باري ۾ هينئر سان ئي عوام کي ڪجهه خدشات ۽ تحفظات آهن. جن جو اظهار ڪچهرين ۾ ڪيو پيو وڃي. وزير اعظم بلاول صاحب يا نواز شريف يا اڃا ڪو ٻيو ٿئي. پر، چونڊون ايمانداري سان ڪرائڻ گهرجن. پوءِ ڪاميابي ماڻيندڙ پارٽي جي حوالي اقتدار ڪيو وڃي. ٻي حالت ۾ اليڪشن مان ڪو به فائدو ڪونه ٿيندو. ان صورت ۾ چونڊن ۾ قوم ملڪ جي پئسي ضايع ٿيڻ کان سواءِ ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيندو.

“پاڪستان تحريڪ انصاف” به پاڪستان جي وڏين سياسي پارٽين مان هڪ آهي. هن پارٽي جو چئني صوبن ۾ ووٽ آهي. ڪٿي ٿورو ته ڪٿي گهڻو ووٽرن جو تعداد ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر خيبرپختونخواه ۽ پنجاب صوبن ۾ چڱي ڀلي اڪثريت اٿس. هن وقت ان پارٽي جي قيادت ملڪ جي جيلن ۾ آهي ۽ عدالتن ۾ شنوايون ڀري رهي آهي. يعني عدالتن جا چڪر پئي ڪاٽي. ان پارٽي جا ماڻهو غداري ڪري ۽ همدرديون مٽائي پاڪستان تحريڪ انصاف کان پاسيرا ٿي ويا آهن.  هاڻي ، بظاهر پي ٽي آءِ جي حق ۾ ڪا به شيءِ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. اها سڄي صورتحال چند ڏينهن ۾ اظهر من الشمس وانگر چٽي ٿي پوندي. ٻئي طرف اهو به چيو پيو وڃي ته ، هن پارٽي لاءِ اڳتي هلي ماحول سازگار ٿي پوندو ۽ اها جماعت چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندي. ايتري قدر به ٻڌايو پيو وڃي ته ايندڙ حڪومت عمران خان ٺاهيندو ۽ پاڻ وزير اعظم جي منصب تي ويهندو. اها ڪن ٿورن ماڻهن جي راءِ آهي.  جنهن سان ڪيترائي دفعا اختلاف ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته عمران خان جي حق ۾ حالتون ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن. ها ، اها ٻي ڳالهه آهي ته ، حالتون اوچتو مٽجي به سگهن ٿيون. جنهنجي باري ۾ ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. الله تعاليٰ ئي بهتر ڄاڻي ٿو. جمعيت العلماءِ اسلام (ف) جي پارٽي به اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته ، خيبرپختونخواه ، بلوچستان ۽ سنڌ مان ڪاميابي ماڻي ، حڪومت ٺاهينداسون. تنهن کان سواءِ ٻين پارٽين جي اڳواڻن جا به سياسي بيان سامهون ايندا رهن ٿا. اهي به پنهنجي ڪاميابي جي اميد رکيو ويٺا آهن ۽ وزارت اعظميٰ جا اميدوار اهن. پر، سندن بيانن ۾ ايتري جان نه آهي. اسان انهن کي صرف سياسي بيان ئي سمجهي رهيا آهيون. ان کان اڳتي ڪجهه به ڪونه آهي.

بهرحال مٿئين صورتحال کي ڏسڻ سان ، عوام مونجهاري جو شڪار آهي ۽ سوچڻ تي مجبور آهي ته چونڊن کان پوءِ ڪير ملڪ جون واڳون سنڀاليندو ۽ وزير اعظم جي ڪرسي تي ويهي اقتدار جا مزا وٺندو. اهو ، عهدو ان کي ملندو جيڪو اصل اقتدار ڌڻين سان سمجهوتو ڪندو. اقتدار جا مزار وٺندو. هاڻ ڏسجي ته ان ڊوڙ ۾ ڪير ٿو اڳتي نڪري اچي. في الحال ته نواز شريف سربراهه مسلم ليگ (ن) جا واضح امڪان نظر اچي رهيا آهن. اليڪشن ۾ اڃا ڏينهن پيا آهن. ڏسجي ته پردي پويان ڳالهيون ڪندڙن ۾ ڪنهنجيون وڌيڪ مارڪون ٿيون ٿين. اهو ئي ملڪ جو چونڊيل وزيراعظم ٿيندو. جنهن لاءِ قوم کي رڳو انتظار ئي ڪرڻو آهي. سڀ ڪجهه اليڪشن کان پوءِ احسن طريقي سان حل ٿي ويندو.

 

هاڻ ڏسجي ته ان ڊوڙ ۾ ڪير ٿو اڳتي نڪري اچي. في الحال ته نواز شريف سربراهه مسلم ليگ (ن) جا واضح امڪان نظر اچي رهيا آهن. اليڪشن ۾ اڃا ڏينهن پيا آهن. ڏسجي ته پردي پويان ڳالهيون ڪندڙن ۾ ڪنهن جون وڌيڪ مارڪون ٿيون ٿين. اهو ئي ملڪ جو چونڊيل وزيراعظم ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.