مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ عملي طور اڳتي اچڻو پوندو

تحرير: زارا نواز شيخ

گذريل هفتي مون ميرپرو ساڪرو جي تڪ 79 جي مسئلن جي نه رڳو نشاندهي ڪئي هئي پر ان ڳالهه تي به زور ڏنو هيم ته جيستائين ان تڪ جا مقامي ماڻهو چونڊن ۾ نه بيهندا تيستائين ان تڪ جا مسئلا حل نه ٿيندا. مون ان ڪالم ۾ اهو به لکيو هو ته هن تڪ لاءِ هميشه ٻاهريان ماڻهو بيهندا آهن جيڪي چونڊ کٽڻ کانپوءِ هن تڪ کي وساري ڇڏيندا آهن.

ان حوالي سان مونکي ذاتي طور تي اهو ٻڌي ڏاڍي سرهائي ٿي آهي ته هاڻي ان تڪ مان ئي نوجوانن جو هڪ جٿو ”نوجوان راڄوڻي اتحاد“ قائم ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي. ان قسم جي مقامي اتحاد جي واقعي به هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي.جيڪو  مظلوم ۽ ستايل ماڻهن سان گڏ بيھي ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري.  توهان  اسان جو مستقبل آهيو ، اڀرندڙ سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ بھترين امين آهيو.

ساڪري جي نوجوانن کي ميگا پراجيڪٽس ۾ روزگار وٺڻ ۽ گڏوگڏ انتظاميا جي اڳيان ڀرپور ڪيس رکڻ گهرجي. ساڪري جي عوام لاءِ نيون اميدون پيدا ڪيون وڃن انهيءَ ھمت، لگن ۽ بهادري سان  ڪم ڪندو رهجي ته جيئن توهان تڪ 79 جي عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري سگهو.

اسان کي سوشل ميڊيا تي رڙيون ڪوڪون ۽ دانهون ڪرڻ سان گڏ عملي طور به ڪم ڪرڻ گهرجي.جيئن ٻيا باشعور سماجي ۽ راڄوڻي اتحاد ڪري رھيا آھن. يونين ڪائونسل هجي يا سموري تڪ جا تمام گهڻا مسئلا هجن پر جيڪڏهن هڪ مسئلي کي کڻجي ته ان کي توڙ تائين نڀائجي.

ان حوالي سان ڪجهه تجويزون ڏئي سگهجن ٿيون. پهريون ته تڪ جي مسئلن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ پنج رڪني هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. اها ڪميٽي بيروزگارن متعلق رپورٽ ٺاهي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي تعليمي صورتحال جي رپورٽ تيار ڪري، اسڪول آهن يا نه آهن جيڪڏهن آهن ته بند ڇو آهن سبب؟صحت ۽ اسپتالن جي صورتحال ڪهڙي آهي، زراعت ۽ هارين جا مسئلا معلوم ڪيا وڃن. ٽرانسپورٽ جي سهولت متعلق رپورٽ پيش ڪئي وڃي. غريبن جي برساتن ۾ نقصان ٿيل گهرن بابت سروي ڪئي وڃي. بيوه عورتن جي تحفظ ۽ امدادي مدد ۽ يتيم نياڻين جي شادي ٿي آيل خرچ رقم جو انتظام ڪيئن ڪجي. برساتن جي بيٺل پاڻي جي نڪاسي وارو مسئلو هجي، مڇر مار اسپري ۽ وڌيڪ گهربل انتظامن جو مطالبو هجي، ايئن گيس، بجلي ۽ پاڻي کي وڏن مسئلن جي فهرست ۾ شامل ڪجي. ان ڪميٽيءَ کي تڪ جي ماڻهن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جا سڀ مسئلا هڪ جاءِ تي لکي رکجن ۽ چونڊن ۾ پنهنجو اميدوار بيهاري ۽ ڪامياب ٿي ڪري اهي تڪ جا مسئلا حل ڪجن.

اوهان مسئلن جي حل بابت سوچيندئو ۽ انهن کي حل ڪرڻ جو مشن رکندئو ته يقيني طور تي ڪامياب ٿيندئو. سوچيندئو ۽ ان حوالي ۾ عملي طور ڪم ڪندئو،جاکوڙ ڪندئو ته ضرور منزل ماڻيندئو. ضرورت صرف ان پاسي سوچڻ جي آهي.

مونکي ذاتي طور تي اهو ٻڌي ڏاڍي سرهائي ٿي آهي ته هاڻي ان تڪ مان ئي نوجوانن جو هڪ جٿو ”نوجوان راڄوڻي اتحاد“ قائم ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي. ان قسم جي مقامي اتحاد جي واقعي به هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.