اياز لطيف پليجو سنڌ جو منفرد اڳواڻ

تحرير: منان شيخ

دنيا جي قومن اندر ڪيئي اڳواڻ ٿي گذريا آهن، جيڪي پنهنجي قوم ۽ پورهيت طبقن لاءِ  حالتن مطابق جدوجهد ۽ ويڙھ ڪندا رهيا آهن ۽ ڪيئي اڳواڻ هينئر به پنهنجي وطن ۽ پنهنجي عوام لاءِ  جدوجهد ۽ ويڙھ ڪري رهيا آهن۔ ڪي اڳواڻ پنهنجي قوم اندر منفرد ڪم جي ڍنگ ۽ منفرد انداز بيان جي ڪري سڃاتا ويندا آهن ۽ انهن جا اثر رڳو ان قوم تي نه پر آس پاس تي به رهندا اچن۔ سنڌ اندر به ڪيئي تاريخي سياسي شخصيتون پيدا ٿيون آهن جنهن جو فڪري ۽ جدوجهد جي حوالي سان ڪوبه مقابلو ڪونهي پر اسان هتي ان ماڻهوءَ جي ڳالھه ڪري رهيا آهيون جنهن جو نالو ٽن تمام وڏين شخصيتن جي نالي جي ميلاپ سان رکيو ويو آهي۔ سنڌ جو قومي شاعر اياز، دنيا جو عظيم عوامي شاعر لطيف ۽ انقلابي اڳواڻ پليجو جي نالي جو سنگ ميل آهي۔

آئون ڳالھه ڪيان ٿو سنڌ جي منفرد آواز ”اياز لطيف پليجي“ جي، ڏسو نه، ته ان نالن جو ڪيڏو نه هن تي اثر ٿيو آهي ۽ هو ڪيئن نه ٽنهي سان ڪيڏو شاندار نڀائي رهيو آهي! جڏهن هو لطيف تي ڳالهائي ٿو ۽ ان جي شاعري ۾ لطيف جي سورمين جي ذريعي ان کي وطن دوست ۽ عوام دوست انقلابي شاعر ڪري پيش ڪري ٿو ۽ لطيف جي شاعري جي جيڪا هو انقلابي سمجهاڻي ٻڌائي ٿو ته ماڻهن جو پنهنجو پاڻ تي ويساهه ٿئي ٿو ۽ سنڌي هئڻ تي فخر ٿئي ٿو ۽ ٻڌندڙن کي قومي ۽ عوامي جذبو پيدا ٿئي ٿو ۽ ٻڌندڙ ڪيئي مصيبتن جي باوجود ڪاميابي لاءِ  مستقل مزاجي ڏانهن مائل ٿيڻ لڳن ٿا۔ هن وقت ايئن سنڌ ته ڇا پر سڄي پاڪستان ۾ لطيف کي حقيقي معنيٰ ۾ پيش ڪرڻ وارو ٻيو ڪوئي نظر نٿو اچي۔ جڏهن هو اياز تي ڳالهائي ٿو، وقت  ۽ حالتن مطابق ان جي شاعري پيش ڪري ٿو ته نوجوانن جا لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن، ڄڻ ڪا ان شاعري جي انداز بيان جي ڪري نوجوان کي تصوراتي محبوبا ملي هجي، جنهن کي هو سالن کان وٺي پنهنجي خيالن ۾ سانڍي ويٺو هجي، ٻئي طرف وطن دوست سياست کان پري ڀڄندڙ نوجوان جڏهن اياز جي واتان اياز جي شاعري ٻڌي ٿو ته هو سڀ ڪجهھ پنهنجي وطن کي سمجهڻ شروع ٿو ڪري، ان انداز بيان جي ذريعي هو روحاني طرح پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ جو درس حاصل ڪري ٿو وٺي۔

اياز لطيف پليجو جڏهن اياز ۽ لطيف تي ڳالهائي ٿو ته نوجوان جيڪو بيروزگاري، مهانگائي ۽ ميرٽ نه هئڻ ڪري مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي اهو ٽپ ڏئي ڌٻڻ مان نڪري ٿو پئي ۽ مستقل مزاجي سان ڪاميابي ڏانهن وک وڌائڻ لاءِ  ۽ ٻين بيشمار ڪم ڪرڻ لاءِ  سوچڻ شروع ٿو ڪري۔  اياز لطيف پليجو جڏهن انقلابي اڳواڻ رسول بخش پليجي جي پرامن جدوجهد جي واٽ تي پنهنجي منفرد انداز ۽ حالتن پٽاندڙ حڪمت عملين سان اڳتي وڌي ٿو ۽ جڏهن دشمن جي مدمقابل ٿئي ٿو ته ڪنهن هڪ پارٽي جو اڳواڻ نه بلڪي ڄڻ سڀني وطن دوست ۽ عوام دوست ڌرين سميت پوري سنڌ ۽ ملڪ جو اڳواڻ لڳي ٿو۔ هن ٿوري وقت ۾ ڪيڏو نه سکيو آهي ۽ هن ڪيڏو نه پاڻ کي تبديل ڪيو آهي ۽ هن ڪيڏو نه پاڻ کي سرخرو ڪيو آهي۔ هو ڪيڏي نه جلدي ۾ شين کي سمجهڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ هو ڪيڏي نه تيزي سان  پنهنجو پاڻ کي حقيقي وطن دوست ۽ عوام دوست اڳواڻ طور مڃائيندو پيو وڃي۔ هو سنڌي ماڻهن ۾ خاص ڪري نوجوان ۾ ڪيڏي نه پنهنجائپ سان وطن ۽ عوام جي حب پيدا ڪري رهيو آهي۔

هو جڏهن ميڊيا يا جلسي ۾ ڳالهائي ٿو ته سڀني کي پاڻ سان ڳنڍي ڳالهائيندو آهي جيڪو سنڌ ۾ رواج نه هو اهو هن رواج وڌو آهي، هو پاڻ کي اڪيلو ۽ فقط آئون آهيان ڪري پيش نه ڪندو آهي۔ اياز لطيف پليجو موجوده حالتن ۾ وقت جي قومي ٻڌيءَ جي ضرورت مطابق پنهنجي منفرد انداز سان رڳو سڄڻن ۾ مشهور ڪونهي، رڳو اهي ان کي مان نه ڏيندا آهن پر سياسي مخالف به چوڻ تي مجبور ٿيندا آهن ته واقعي اهو آهي جيڪو پنهنجي ڌرتي جي ايڪائي ۽ وسيلن جي حفاظت لاءِ  دشمن سان ٽڪر کائي سگهي ٿو۔ جڏهن هو دشمن جي سامهون ٿيندو آهي ته انهن جو ڳلو خشڪ ٿي ويندو آهي ۽ زبان ساٿ ڇڏي ويندي آهي ۽ اهي ان جي سامهون ٿيڻ کان ڀڄڻ کي اهميت ڏيندا آهن۔

جڏهن سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي جو عروج هيو ۽ هنن کي عالمي توڙي ملڪي وڏين طاقتن جو آشيرواد هو تڏهن اياز لطيف پليجو هو جيڪو هنن سان هر مورچي تي وڏي بهادري سان ٽڪر کائي رهيو هو۔ جڏهن ايم ڪيو ايم جو ڪوئي نالو وٺڻ لاءِ  تيار نه هوندو هئو ان وقت رسول بخش پليجو ۽ ان جو فرزند اياز لطيف پليجو هئا جيڪي وڏي جرئت سان وڏين طاقتن جي پٺوئن سان دهشتگردي جي دوران هرهنڌ ۽ هر مورچي تي مقابلو ڪندا هئا۔

مونکي اڄ به اهو 22 مئي 2012ع ڪراچي ريلي ۾ دهشتگردي وارو ڀيانڪ منظر ياد آهي۔ ڪيئن اسان جا چوڏهن بيگناهه پرامن جدوجهد ڪندڙ ماڻهو شهيد ڪيا ويا هئا۔ ڪنن جي ڀرسان گذرندڙ گولين جي چرڙاٽ اڄ به ياد آهي۔ ان ڏينهن تي هڪ مرڪزي اڳواڻ مونکي فون ڪئي ته اياز صاحب ضد ڪري ايم اي جناح روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيو آهي ۽ مطالبو ڪري رهيو آهي ته جيستائين هڪ به سنڌياڻي تحريڪ جي ڀيڻ صحيح سلامت نٿي پهچي آئون تيستائين هتان نه اٿندس ڀلي مونکي ماري ڇڏين۔ آئون ڪجھ دوستن ۽ هڪ سنڌياڻي تحريڪ جي ڀيڻ کي گڏ کڻي لياري مان سڀني ڀينرن کي بلوچ دوستن جي مدد سان پريس ڪلب پهچايو تڏهن اياز لطيف پليجو اتان اٿيو۔ جڏهن سنڌ جي ويڪائو نمائيندن ٻٽي نظام جو اسيمبلي مان بل پاس ڪيو هو ته انهي هلندڙ اجلاس دوران اياز لطيف پليجي للڪار ڪئي هئي ته خبردار سنڌ کي ڳڀا ڪرڻ وارئو سنڌي توهان جا ڳڀا ڪندا ۽ جڏهن اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ پارٽي هڙتال جو سڏ ڏنو ته ڪشمور کان وٺي ڪراچيءَ تائين سموري سنڌ جام ٿي وئي هئي ۽ مجبورن سنڌ جي دلالن بل واپس ڪيو هو۔ عوام دشمن قؤتن ۽ قوم دشمن پنهنجن غدارن جڏهن به ڪي سنڌ خلاف منصوبا جوڙيا آهن ته اياز لطيف پليجو آهي جيڪو هنن کي هرمورچي تي زبردست تاريخي دليلن سان منهن ٽوڙ جواب ڏيندو رهيو آهي۔

سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو مسئلو هجي، ٻيٽ وڪرو ڪرڻ جو مسئلو هجي، زمينن تي والار هجي، بحريا، ڊي ايڇ اي ۽ ذوالفقار آباد اسڪيمن جو مسئلو هجي، بيروزگاري، مهانگائي، لاقانونيت ۽ ميرٽ جي لتاڙ جو مسئلو هجي، سنڌي نياڻي سان زيادتي، اغوائن ۽ هنڌو نياڻين سان جبري مذهب مٽائڻ ۽ جبري شادي جو مسئلو هجي ۽ هاڻي سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري جو مسئلو هجي يا پيپلزپارٽي جي پندرهن سالن کان سنڌ مٿان بدترين حڪمراني جو مسئلو هجي ۽ سنڌ جي معدني وسيلن ڪوئلو، گيس، پيٽرول ۽ قيمتي پٿر مان حصو نه ملڻ جو مسئلو هجي انهن سڀني مسئلن تي تنظيمي طور ڪمزور پوزيشن ۾ هوندي به اياز لطيف پليجي پنهنجي وس آهر شاندار ۽ وزنائتو منفرد ڪردار نڀايو آهي ۽ هي واحد اڳواڻ آهي جيڪو هميشه سنڌ جو حقيقي شيئر گهرڻ جي ڊمانڊ ڪندو رهندو آهي۔ چوندا آهن جنهن اڳواڻ جي ڪنهن به عمل جي ڪري دشمن کان دانهن نڪري سمجهو ته اهو اڳواڻ سڄڻ آهي ۽ واقعي اياز لطيف پليجي سنڌ جي بدترين دشمنن کي دانهون ڪرايو آهن۔

اسان سڀني لاءِ  ۽ اياز لطيف پليجي لاءِ  وڏي اهم اعزاز واري ڳالھه هي آهي ته هو هڪ عظيم انقلابي پيءَ محترم رسول بخش پليجي صاحب ۽ قومي گيتن جي راڻي ۽ جدوجهد جي علامت ۽ عظيم ماءُ جي جي زرينه بلوچ صاحبه جن جي اولاد آهي۔ اڄ ان جرئتمند ۽ بهادر پٽ اياز لطيف پليجي جو جنم ڏينهن آهي اسان سڀني لاءِ  اڄ ڀاڳ وارو ڏينهن آهي، هن ڏينهن تي اڻاٺ واري دور ۾ اھڙو منفرد اڳواڻ پيدا ٿيو جيڪو پنهنجي علمي ۽ تاريخي دليلن سان سنڌ جي سمورن دشمنن کي دسڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو۔ ڦريل، لٽيل، هيسيل، ماريل، تاريخي حملن سان ڦٽيل، مايوس ۽ گمراه ٿيل قوم جي ان وقت خوشنيصيبي چئبي جڏهن ان قوم پاران حقيقي ۽ منفرد اڳواڻ ڳالهائي ته مخالف ۽ دشمن خوف کائيندو هجي ۽ خوف ۾ ان جو ڪاڪڙو بند ٿي وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.