ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي بابر اعظم کي ڪپتاني تان هٽائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي بابر اعظم جي ڪپتاني ختم ٿي وئي.
ذريعن موجب ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جو ڪپتان بابر اعظم هاڻ رانديگر طور کيڏندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم ڪپتان طور استعيفيٰ ڏيندو ته بورڊ قبول ڪندو پر ٻئي آپشن طور بورڊ کيس ڪپتاني تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب آسٽريليا جي دوري دوران شان مسعود ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني لاءِ مضبوط اميدوار آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي دوري ۾ ٽي ٽوئنٽي جي قيادت لاءِ شاهين آفريدي مضبوط اميدوار آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 ۾ به پاڪستان جو ڪپتان شاهين آفريدي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.