سنڌ جي اسڪولن جي حالت خراب آهي، ڪتاب نه هئڻ شرمناڪ آهي: مقبول باقر

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ جي اسڪولن ۾ ڪتاب نه هئڻ شرمناڪ آهي صوبي جي اسڪولن جي حالت تمام خراب آهي بهتري جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جنهن ڏينهن عمل نه ڪرائي سگهيس ته اوهان کي نظر نه ايندس، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ملير جي دوري دوران سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي قذافي ٽائون ۾ قائم ويئر هائوس جي دوري ۽ تقريب دوران ڪيو هن چيو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ واش روم ۽ ڪتاب نه هئڻ شرمناڪ آهي صوبي ۾ اسڪولن جي حالت ڏاڍي خراب آهي بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن ڏينهن عمل نه ڪرائي سگهيس ته اوهان کي نظر نه ايندس مان استادن کي تعليم ۽ ماحول بهتر بنائڻ لاءِ زور ڀري رهيو هئس پر ٻئي طرف شاگردن وٽ ڪتاب ئي نه هئا هن چيو ته هي ڪوئي وڌيڪ خوشي جو موقعو ناهي پر افسوس جو مقام آهي جو ڪتابن ورهائڻ لاءِ اسان کي تقريب منعقد ڪرڻي پئي جيڪو معمول جو ڪم آهي مان اوهان جي سامهون شرمنده بيٺل آهيان ڪتابن جي ورهاست ۾ دير ٿي آهي جيڪا دير نه ٿيڻ گهرجي ها ٻئي طرف نگران وڏي وزير ڪوهي ڳوٺ پهچي وومين اسپتال نرسنگ ڪاليج جو دورو ڪيو وڏي وزير چيو ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻارن جي موت جي شرح پاڪستان ۾ آهي ،صحت جي سهولتن جي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ يونيسيف جا شڪر گذار آهيون ٻئي طرف نگران وڏي وزير تاريخي قبرستان چوڪنڊي پهتو جتي سيڪريٽري ثقافت عبدالعليم لاشاري نگران وزيراعليٰ کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي نگران وڏي وزير چيو ته بلديات کاتي ڪي ايم سي ۽ ڊي سي ملير کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته هڪ جامع پلان تيار ڪري چوڪنڊي قبرستان کي مڪمل طور تي بهترين ٽوئرسٽ اسپاٽ بنائڻ لاءِ تجويز پيش ڪئي وڃي وڏي وزير کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته قبرستان ۾ هن وقت به تدفين ڪرڻ سبب قبرستان ورلڊ هيريٽيج ناهي بنجي سگهيو وڏي وزير ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان مراد ۽ ڪمشنر ڪراچي کي حڪم جاري ڪندي چيو ته تدفين جي معاملي ۾ مقامي قبيلن سان ڳالهيو وڃي ته جيئن چوڪنڊي ۾ تدفين نه ٿئي ان لاءِ الڳ زمين مختص ڪئي وڃي هن قبرستان جي چوڌاري حددخليون ۽ هر قسم جي تنظيمن کي ختم ڪري ان جاءِ تي فنڊريزنگ ميوزيڪل ايونٽ ڪرائڻ لاءِ انتظام ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.