چونڊن جي مند ۾ ياد ايندڙ بلوچستان ۽ اتي جي خلق جا ڏک

پراڻي دور ۾ بادشاھ عام طور جنگيون ڪندا رھندا ھئا. جنھن جو مقصد وڌيڪ علائقا پنھنجي سلطنت ۾ شامل ڪرڻ ھوندو ھو،جئين تھ اھو ڦرلٽ جو دور ھو ان ڪري وڌيڪ علائقن تي ڪاھ ڪري اھي بادشاھ اتان مال ملڪيت حاصل ڪندا ھئا، ان سان گڏ اتي محصول لڳائي ڪري پنھنجي مالي پوزيشن بھتر ڪندا ھئا.اھو حڪمراني جو جھونو نسخو آھي.وقت بدلجڻ سان جڏھن جديد تصور آيو تھ موجود علائقن ۾ جدت آڻي،ھنرمندي،ڪاريگري ۽ مشينري سان ملڪي پيدوار وڌائڻ  تي ڌيان ڏنو ويو.

اھا ڳالھھ تازو مسلم ليگ ن پاران سنڌ ۽ ان بعد بلوچستان ۾ وڃي ڪري ٻين سياسي گروھن سان ميل ملاقات ڪري ۽ انھن سان چونڊ اتحاد جوڙڻ جي پس منظر ۾ ياد آئي.

ملڪ جي ڪنھن بھ صوبي يا علائقي ۾ سياست ڪرڻ ھر ڪنھن جو بنيادي سياسي ۽ آئيني حق آھن پر ھئڻ ائين گھرجي جو اڳ ۾ مسلم ليگ ن کي پنھنجو ھوم گرائونڊ مضبوط ڪرڻ گھرجي ھا.جنھن بعد ٻين صوبن ۾ تائين سياسي پروگرام ۽ چونڊ منشور کي کڻي وڃڻ گھرجي ھا تھ اھو بھتر ھو.

مسلم ليگ ن جي ھاڻوڪي تڙ تڪڙ مان محسوس ڪري سگھجي ٿو تھ ان جماعت کي اھو خوف ڪنھن نھ ڪنھن ريت ذھن ۾ موجود آھي تھ شايد اھي پنجاب مان پنھنجي ٽارگيٽ موجب سيٽون حاصل نھ ڪري سگھن.

عام طور تي اھو خيال آھي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف گھڻي ڪارروائي ٿيڻ باوجود ان جو ووٽ ٽٽو نھ آھي.جنھن ڪري سمجھيو پيو وڃي تھ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ مسلم ليگ ن کي ٽف ٽائيم ڏئي سگھي ٿي.

جئين تھ ملڪ جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو صوبو پنجاب آھي جتي قومي اسميبلي جون پڻ وڌيڪ سيٽون آھن،اليڪشن ڪميشن جي پراڻي حساب موجب اتي قومي اسيمبلي جون ڪل 141 سيٽون آھن.جيڪڏھن رڳو مسلم ليگ ن پنھنجي صوبي تي گرفت پڪي ڪري وڃي تھ پڻ اھا سنگل لارجيسٽ پارٽي تھ بڻجي سگھي ٿي.ٻھ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت جي لاءِ ان کي وڌيڪ ھٿ پير ھڻڻا پوندا.

ڪجهھ مبصرن جو ھڪ اندازو آھي جنھن موجب مسلم ليگ ن ڪل 75 کان 80 سيٽون حاصل ڪري سگھندي، ان لحاظ سان تھ پنجاب جي صوبي مان ئي اھي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگھن ٿيون، جيڪڏھن اھا پنھنجي پروگرام ۽ منشور تي ڌيان ڏئي ڪري اتي محنت ڪري ۽عوام کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ جو ڪو پرڪشش نعرو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي تھ اھو ڪنھن طرح ناممڪن نھ آھي.

اھو عين ممڪن آھي تھ ھن ڀيري ميان نوازشريف پاڻ کي ملڪ جو وڏو ليڊرقرار ڏئي ڪري سموري ملڪ جي سياسي قوتن کي گڏ  کڻڻ جو فيصلو ڪيو ھجي، سندس حلقي مان اھڙيون خبرون پڻ اچي رھيو آھن. اھا بھرحال ھڪ بھتر سوچ آھي پر ان جي لاءِ ميدان تي جيڪو ڪجھھ ٿي رھيو آھي اھو وري ان جي ابتڙ آھي.نوازشريف جي سرگرمين مان اھو خطرو نظر اچي رھيو آھي تھ کيس پنجاب مان ڪنھن غيرمعمولي ڪاميابي جي توقع نھ آھي.

مسلم ليگ جي وفد جي بلوچستان جي ڪيل دوري بعد ميان نوازشريف بلوچستان جي ٻن ڏينھن جي دوري تي پھتو آھي،جتي ھو سياسي اڳوڻن ۽ سياسي جماعتن سان ڳالھيون ڪندو. ملڪ جي پکيڙ جي لحاظ سان وڏي ۽ آبادي جي حساب سان ننڍي صوبي بلوچستان جا ھڪ کان وڌيڪ الميا آھن،معدنيات سان مالا مال ھن خطي جي ماڻھن جي راءِ کي ھر دور ۾ نظرانداز ڪري اتي ملڪ جي اشرافيا سڌي يا اڻسڌي ريت حڪومت ڪندي رھي آھي.جنھن ڪري اتي جي عام ماڻھو جي قسمت ۾ ڪو بھ ڦيرو نھ آيو آھي.

ڪل 16 قومي اسيمبلي جي سيٽن وارو بلوچستان ھر ڀيري ملڪ جي مقبول ۽ وڏين جماعتن کي چونڊن جي وقت ياد ايندو آھي،نھ رڳو اھو پر ھي شايد واحد صوبو آھي جتي حڪومتن ڊاھڻ ۽ جوڙڻ جي راند سڀني کان وڌيڪ کيڏي وئي  آھي.بلوچستان جي سياست جو ھن دلچسپ پاسو ھي آھي تھ اتي مختلف گروپ ڪنھن وڏي جماعت سان اتحاد ڪرڻ وقت سڻڀيون وزارتون گھرندا آھن ۽ وڏيون جماعتون بھ انھن وٽ بيوس ھونديون آھن.نوابن ، رئيسن ۽ سردارن جي ھن ديس جي عام ماڻھن جي ھر دور ۾ گھٽ ٻڌي وئي آھي، انڪري عوام ۽ مخصوص سردارن جي سياست سبب اتي عوام ۽ نوابن جي وچ ۾ وڏي وڇوٽي آھي، ان خلق جا عام معاملا وري ڪڏھن ايجنڊا جو حصو ئي نھ ٿيا آھن.اتي وفاق جي حد کان ڌيڪ مداخلت سبب بھ سياسي ڌارا گھڻو سست رھي آھي.

سياسي ڌريون نوان واعدا وچن ڪري رھيون آھن تھ وري ٻئي پاسي  عام ماڻھن جي مسئلن کي سياسي جماعتون نظرانداز ڪري رھيون آھن،اھو ئي سبب آھي جو ڪي جماعتون فقط چونڊن جي موسم ۾ متحرڪ ٿين ٿيون ۽ اھي پڻ بااثر گروپن يا ڌرين سان اتحاد قائم ڪري اليڪشن کٽڻ  چاھين ٿيون.

بھتر ھجي ھا تھ ھن وقت تڙ تڪڙ ۾ بلوچستان جو رخ ڪندڙ ڌريون لڳاتار بلوچستان تي ڌيان ڌرين ھا ۽ اتي جي ھر عوامي ردعمل ۾ گڏ ھجن ھا تھ عوام سان ھڪ تعلق جڙيل ھجي ھا ڪم ڪندڙ جماعت کي عوامي سطح تائين منظ ڪرڻ آسان ھجي ھا.

ميان نوازشريف جي اھڙي عمل تي  بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي  ته (ن) ليگ کي لاهور ۾ مسئلا آهن، ان ڪري کين ٻين صوبن تي ڌيان ڏيڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي پر ھن جي لاءِ  بهتر آهي ته پنجاب تي ڌيان ڏئي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ڪوئيٽا پھتو آھي، جتي ھو ٻھ ڏينھن رھندو ۽ اڳواڻن سان ملاقات ڪندو.

ٻئي پاسي ان کان اڳ مسلم ليگ ن سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ايندڙ چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمنيٽ ڪئي آھي.مسلم ليگ ن جو سنڌ ۾ اھڙي سياسي انڊر اسٽيندنگ ھڪ طرح سان پاڪستان پيلپزپارٽي کي چئلينج ڪرڻ برابر آھي.

ھڪ خيال ھي آھي تھ مخلتف حلقن پاران مسلم ليگ ن کي ”لاڏالي“ واري منصب تي ھئڻ باوجود ان جماعت جي لاءِ اڳي کان وڌيڪ مشڪلات نظر اچي رھي آھي.جنھن ڪري مسلم ليگ ن ھن ڀيري پاڻ کي ڦاٿل محسوس ڪري رھي آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.