ماضيءَ جو انقلابي هيرو، پورهيت طبقي ۽ ترقي پسند جمهوري تحريڪن جو علمبردار ڪامريڊ حسن ناصر شهيد پهرين جنوري 1928ع تي حيدرآباد دکن جي نواب خاندان ۾ پيدا ٿيو.ابتدائي تعيلم مقامي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد ھو پھرين عليڳڙھ ۽ ان بعد نظام ڪاليج ۾ داخل ٿيو.جتي سندس سوئٽ ڪوڪب دري اڳي ئي موجود ھو.جنھن کيس ترقي پسند ۽ مارڪسي لٽريچر پڙھايو.جنھن کان متاثر ٿي ڪري حسن ناصر حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو.اھا تنظيم ان وقت شاگردن جي انقلابي تنظيم سمجھي پئي وئي.سياسي سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ سان ھن جي ملاقات ڊاڪٽر اعزاز نذير ۽ ٻين دوستن سان ٿي.جن گڏجي ڪري تلگانھ تحريڪ ۽ 1942 ۾ ڪامريڊ سڀاش چندربوس جي آزادي لاءِ تحريڪ ۾ حصو ورتو.
ڪامريڊ حسن ناصر 1944 ۾ تعليم مڪمل ڪري بمبئي ھليو ويو،جتي ھن سجاد ظھير سان گڏجي ڪميونسٽ پارٽي ۾ سرگرم ٿيو. ان دوران ورھاڱي بعد پارٽي جي فيصلي تي ھو سجاد ظھير، سبط حسن سان گڏجي ڪري پاڪستان ھليو آيو. پاڪستان پھچڻ بعد جتي ھو ڪراچيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي آفيس سان لاڳاپجي ويو ۽ مختلف ادارن ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ پورھيتن جي تنظيم سازي ڪئي.
1948ع ۾ پاڪستان ڊفينس رولز تحت ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، شرف علي، عزيز سلام بخاري ۽ حسن ناصر کي گرفتار ڪيو ويو.ڪراچي ۾ مشھور ٿيندڙ 1949ع جي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ واري ڊگھي هڙتال ۾ ڪميونسٽ اڳواڻن جي گرفتارين بعد ھن کي پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري ۽ مرڪزي ڪميٽي جي ذميداري ڏني وئي.ان دوران ھن سنڌ جي مختلف ضلعن جو دورو ڪيو ۽ پارٽي جي تنظيم کي فعال ۽ منظم ڪيو.
1950ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي طرفان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان گڏجي ڪري سنڌ ٽيننسي ايڪٽ بل منظور ڪرائڻ جي لاءِ سنڌ جي ھر علائقي جو دورو ڪري، هارين کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ کان پوءِ لانگ مارچ ڪري هزارين هارين سان گڏ ڪراچي پهتا.سنڌ اسيمبلي بلڊنگ واري ڌرڻي ۽ گهيري ۾ ڪامريڊ حسن ناصر پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو.
1952ع ۾ حڪومت راولپنڊي سازش ڪيس جو ڊرامو رچايو جنھن ۾ فيض احمد فيض،جنرل اڪبر،سندس زال، ميجر اسحاق، ظفرالله پوشني، ڪامريڊ سجاد ظھير جي گرفتاري کان ڪجهه وقت پوءِ ڪامريڊ حسن ناصر کي به ٻن سالن پوءِ 1954 ۾ آزاد ڪيو ويو.پرکيس ٻيهر گرفتار ڪري،1955ع ۾ هڪ سال لاءِ جلاوطن ڪيو ويو. جنھن دوران ڪامريڊ حسن ناصر هندستان جي شهر حيدرآباد دکن ۾ پراڻن ساٿين مخدوم محي الدين، ڊاڪٽر راج بهادر، ڊاڪٽر علي جواد رضوي، مغني تبسم، روئي تاريئين سان وڃي مليو ۽ کين پاڪستان ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي باري ۾ ڄاڻ ڏني.
ھن دهليءَ وڃي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي جنرل سيڪريٽري اجي گھوش سان به ملاقات ڪئي.مدراس ڪيرالا جي وڏي وزير اي ايم ايس ڪمبودري سان ملاقات ڪئي، ڪلڪتي وڃي اولهه بنگال جي وزيراعليٰ جيوتي باسو سان بھ ملاقات ڪئي، پوءِ هو ڳجهي رستي ذريعي اوڀر پاڪستان پهتو ۽ ڪامريڊ موني سنگهه، ڪامريڊ تولحا ۽ ڪامريڊ پروفيسر احمد سان ملاقات ڪري اولهه پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽين سان الحاق قائم ڪيو۽ ڪامريڊ سائين عزيز الله کي ٻنهي جي وچ ۾ رابطي جو ذميوار بڻايو ويو. جيڪو ڪامريڊ حسن ناصر جو هڪ تاريخي ڪارناموقرار ڏنو وڃي ٿو.اهڙي طرح جلاوطنيءَ تاريخ جو رخ طئي ڪري ورتو.
جڏهن ھوءَ 1956ع ۾ پاڪستان واپس پھتو تھ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابندي لڳڻ ڪري پارٽي جون آفيسون سيل ٿي چڪيون ھيون.پارٽي جي ساٿين تي ڏکيا ڏينھن اچي چڪا ھئا.ان دوران ھن ڳجهي تنظيم ذريعي پارٽيءَ کي ٻيهر منظم ڪرڻ جو ذمو پنھنجي ڪلھن تي کنيو ۽ ملڪ ۾ ترقي پسند، سامراج مخالف، قومپرست ۽ جمهوري قوتن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.جنھن ۾ ڪامريڊ حسن ناصر ھڪ پليٽ فارم نيشنل عوامي پارٽيءَ جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
جنهن جماعت جي مرڪزي عهديدارن ۽ سينٽرل ڪميٽيءَ ۾ ڪيترائي ميمبر ڪميونسٽ پارٽيءَ سان تعلق رکندا هئا، حسن ناصر پاڻ ان جماعت جو مرڪزي آفيس سيڪريٽري چونڊيو ويو.پارٽي جي ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ جي پويان نيپ جي آفيس قائم ڪئي وئي ۽ باقاعدھ ڪميون سسٽم قائم ڪيو ويو. جتان نيپ جي تنظيم ڪاري سان گڏوگڏ مزدورن جي مختلف ادارن ۾ تنظيم ڪاري ڪئي وئي ۽ ڳجهي نموني ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ڪم سرانجام ڏيندو رهيو. پنهنجي ٻين ساٿين ۾ ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي، ڪامريڊ ايريڪ اسپرين، سائين عزيز الله، امام علي نازش، ڊاڪٽر اعزاز نذير، پروفيسر جمال نقوي، واحد بشير، ملڪ نوراني، انيس هاشمي، فيروزالدين منصور.عزيز سلام بخاري، ڪامريڊ محمد زبير، ميجر محمد اسحاق، اقبال علوي، ڊاڪٽر منظور وغيره سان گڏجي ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آبياري ڪئي.
1985 ۾ ايوبي مارشل لا ۾ ڪامريڊ حسن ناصر روپوش اختيار ڪري سڄي ملڪ ۾ پارٽيءَ کي منظم ڪيو.ان دوران 7 آگسٽ 1960ع اھا بدقسمت گھڙي آئي جڏهن ڪامريڊ حسن ناصر کي ڪراچي جي نيو ٽائون ٿاڻي جي حدن مان گرفتار ڪيو ويو.جنھن بعد ھن کي بدنامھ زمانھ لاهور جي شاهي قلعي جي ٽارچر ڪيمپ ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ ڪامريڊ حسن ناصر کي ٽن مهينن تائين وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.ان تشدد ۾ ئي ھن پنھنجو پساھ پورو ڪيو.ظلم جو داستان اتي ئي پورو نٿو ٿئي پر ان وقت جي اختيارين سندس لاش وارثن حوالي بھ نھ ڪيو.
حسن ناصر پاڪستان جو پهريون سياسي ليڊر آھي، جنهن کي پاڪستان ۾ سياسي اختلاف سبب اغوا ڪري گم ڪري شھيد ڪيو ويو.ھن وقت اھڙا واقعا معمول بڻجي ويا آھن.
ڪراچي ۾ مشھور ٿيندڙ 1949ع جي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ واري ڊگھي هڙتال ۾ ڪميونسٽ اڳواڻن جي گرفتارين بعد ھن کي پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري ۽ مرڪزي ڪميٽي جي ذميداري ڏني وئي.ان دوران ھن سنڌ جي مختلف ضلعن جو دورو ڪيو ۽ پارٽي جي تنظيم کي فعال ۽ منظم ڪيو.