غير قانوني ڀرتين وارو ڪيس، بدر جميل مينڌرو پاران حاضري کان چوٽ جي درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر) احتساب عدالت ۾ اقليتي معاملي واري اڳوڻي سيڪريٽري بدرجميل مينڌرو سميت 26جوابدارن جي خلاف غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، بدر جميل مينڌرو حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي.درخواستگذار موجب هو بيمار آهي پيش نٿو ٿي سگهي، جڏهن ته خادم حسين چنا، شمس الدين شيخ ۽ ريحام علي بگٽي سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا. عدالت بنا ڪارروائي جي ڪيس 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.