ڪراچي ۾ ٽيڪسي ڊرائيور جي قتل ۾ عورت سميت ڪيترائي ماڻهو ملوث هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي/ حيدرآباد ( رپورٽر )   ڪراچي ۾ سچل سميرا چوڪ وٽ آن لائين ٽيڪسي ڊرائيور  28 ورهين شاهزيب انصاري  جي قتل جي جاچ جاري آهي. جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته شاهزيب جي قتل ۾ عورت سميت ڪيترائي ماڻهو ملوث آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ۾ ملوث  ماڻهو سنڌ حڪومت جي نمبر واري گاڏي ۾ سوار هئا. اختيارين جو چوڻ آهي ته شاهزيب جي ڪار کي مبينا طور تي اڇي ڪپڙا پهريل شخص هلائي رهيو هو، ڪار جي سامهون واري سيٽ تي هڪ ڇوڪري به ويٺي هئي ۽ ڪار جو ٽريڪر بند ٿيڻ تي ڇوڪري کي سرڪاري گاڏي ۾ منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب مقتول کي مارڻ بعد رت کي روڪڻ جي ڪوششن جا ڪيترائي ثبوت مليا، مختلف هنڌن تان رت روڪڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ شيون مليون، اڇلايل شين مان هوٽل جي ڪمري جي چاٻي به ملي آهي. اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته هوٽل جي ڪمري جي چاٻي حيدرآباد ويندڙ رستي ۾ ملي آهي،  هوڏانهن مقتول نوجوان جي جنازي نماز لطيف آباد يونٽ نمبر 11 ۾ ادا ڪرڻ بعد اماني شاهه قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. مقتول جي والد محمد رياض انصاري جو چوڻ آھي ته هو ٽرانسپورٽ جي ڪاروبار ۾ پنھنجي ذاتي ٽيڪسي ھلائين ٿا، سندس پٽ ڪورنگي لاءِ سواري کڻي نڪتو هو ۽ پٽ سان ھو مسلسل فوت تي رابطي ۾ ھو. سواري کي ڇڏي شاھزيب کيس فون تي ٻڌايو ته ھو گلزار ھجري مان حيدرآباد لاءِ مليل ھڪ سواري کڻڻ لاءِ وڃي رھيو آھي جنھن بعد سندس پٽ جو نمبر بند ٿي ويو ۽ ڪار ۾ لڳل ٽريڪر جي لوڪيشن چيڪ ڪئي ته گاڏي جي لوڪيشن صفوران چورنگي وٽ ملي، جنھن بعد هنن ڪمپني سان رابطو ڪري ٽريڪر ذريعي ڪار بند ڪرائي ڇڏي. مقتول جي والد موجب اڻڄاتل ماڻھن سندس پٽ کي قتل ڪري ڪار ڦر ڪئي جيڪا ھاڻي ڪراچي جي سچل ٿاڻي تي موجود آھي. ڊرائيور بابت ٻڌايو پيو وڃي ته 2 سال اڳ سندس شادي ٿي ھئي. کيس ھڪ پٽ جو اولاد آھي. واضح رھي ته ھلندڙ سال سيپمٽبر دوران به حالي روڊ جو رھواسي ٽيڪسي ڊرائيور نديم ڪراچي ۾ اھڙي ئي ھڪ واردات دوران قتل ٿي ويو ھو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.