ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) گھگھر ڦاٽڪ ڪراچيءَ مان کنڀي گم ڪيل پٺاڻ خان زھراڻيءَ کي 11 نومبر 2023 تي کنڀي گم ڪئي 4 سال پورا ٿي ويندا، ان حوالي سان سنڌ سجاڳي فورم، وي ايم پي ۽ پٺاڻ خان زھراڻي جي وارثن ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ، کنڀي گم ٿيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي: اڳواڻ. خبر موجب: سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻ سھڻي جويو، پٺاڻ خان زھراڻي جي گھرواري بشيران زھراڻي، پُٽ فرمان زھراڻي، ڪراچي ڊويزن اڳواڻ سڪندر اوٺي ۽ ملير جي ضلعي جي اڳواڻ سانول زھراڻي ۽ ڏکڻ ضلعي جي اڳواڻ مڪيش ڪمار جي اڳواڻيءَ ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ هنئي وئي. ڪئمپ تي سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، سھڻي جويو، جسقم جي سينيئر اڳواڻ سرفراز ميمڻ، بشيران زھراڻي، سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن اڳواڻ سڪندر اوٺي، جسقم آريسر جي مرڪزي اڳواڻ غازي خان جکراڻي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ اصغر باغي، جست مرڪزي اڳواڻ سھيل ڪلوڙ، جسقپ ناري ونگ جي اڳواڻ عروج سنڌي، عائشه سنڌي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته، ”پٺاڻ خان زھراڻي کي ر کنڀي گم ڪئي 11 نومبر 2023ع تي 4 سال پورا ٿي ويندا، پر ظلم جي انتھا اھا آھي، تہ اڃا تائين ان جي ڪا بہ خبر ناھي تہ اھو ڪھڙي حال ۾ آھي. جبري گمشدگيون انساني حقن جي نه صرف سنگين لتاڙ آھي . اسان عالمي ضمير، انساني حقن جي تنظيمن کي، اپيل ٿا ڪيون ته پٺاڻ خان زھراڻي سميت انصاف دايي، ايوب ڪانڌڙي، مرتضيٰ جوڻيجي، ڪاشف ٽڳڙ، سرويچ نوحاڻي، ساجن ملوکاڻي، عذير شاھ ۽ ٻين کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. “ ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن پٺاڻ خان زھراڻي جي وارثن، سنڌ سجاڳي فورم جي عھديدارن، ميمبرن، ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جن ۾ فورم ضلعي ڏکڻ جو اڳواڻ مڪيش، ضلعي ملير جا اڳواڻ سانول سنڌي، فرمان سنڌي، خادم ٽڳڙ، ضلعي ڪورنگي جا اڳوڻ ذوالفقار پنھور، سلطان سنڌي، ڪارڪنن اصغر سنڌي، ڪامران مري، کنڀي گم ڪيل ايوب ڪانڌڙي جو پُٽ شاھد ايوب، جسقپ اڳواڻ شاھد سومرو، جسقم اڳواڻ فراز عباسي، منظور سنڌي، محمد جمن سنڌي، سنڌ سڀا جو جمعو خان، ۽ قومي ڪارڪن عيدن جيسر، فرحان سنڌي، مريم سنڌي، زيب جيسر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.