گلشن اقبال( رپورٽ: شفقت نوناري) عبدالله شاهه غازي ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ جي نوٽيس جاري ڪرڻ کانپوءِ هزارين رهواسي روڊن تي نڪري آيا، رهواسين ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ تي مزاحمت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. عبدالله شاهه غازي ڳوٺ G بلاڪ کي مسمار ڪرڻ جي امڪاني ڪاروائي خلاف هزارين رهواسي سماجي اڳواڻ محرم راڄپر،محمود جمالي، اياز سولنگي ،يوسف سولنگي حبيب الله اڄڻ،ذاڪر ڪانڌڙو ،ايڊوڪيٽ رياض ڪانڌڙو ،مشڪور راڄپر جي اڳواڻي ۾ گهرن کان هٿن ۾ احتجاجي بينر کڻي احتجاج ڪيو ۽ غازي ڳوٺ جي چورنگي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ شديد نعريبازي ڪئي ۽ ڳوٺ مسمار ڪرڻ خلاف مزاحمت جو اعلان ڪيو سماجي اڳواڻ محرم راڄپر چيو ته ڪراچي جي قديم آبادين خلاف تعصب جي بنياد تي انتقامي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن غازي ڳوٺ جو هي بلاڪ 25 سالن کان آباد آهي جتي هزارين ماڻهو رهائش پذير آهن ۽ سرڪار جي بجلي، گئس جا ٽئڪس به ادا ڪن ٿا ان باوجود ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪرڻ سمجھ کان ٻاهر ۽ گز هزارين ڳوٺاڻن خلاف سازش آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين محمود جمالي چيو ته جيڪڏهن ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ جون سازشون جاري آهن جيڪڏهن اسان ڳوٺ تي چڙهائي ٿي ته هزارين عورتون ۽ مرد مزاحمت ڪندا مري وينداسين پر اجھا ڊاهڻ نه ڏينداسين اياز سولنگي چيو ته ڪراچي جا قديم ڳوٺ بلڊر مافيا جي نشاني تي آهن غريب ماڻهن جا اجھا ڊاهي زمينون بلڊر مافيا حوالي ڪيون پيون وڃن هتي پ پ جا ووٽر رهن ٿا ان ڪري بلاول ڀٽو زرداري کي گذارش آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي هنيل نعري روٽي ڪپڙا اور مڪان تي عمل ڪندي ڳوٺ کي مڪمل تحفظ ۽ مالڪاڻا حق ڏنا وڃن بي صورت ۾ هزارين ماڻهو ڀرپور مزاحمت ڪندا ۽ جيڪو به نقصان ٿيو ته ذميوار انتظاميه هوندي.