خيرپور / ٻٻرلوءِ (مختيار ڦلپوٽو/ سعيد جتوئي) خيرپور جي ٻٻرلوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي هٿيارن جي وڏي اسمگلنگ کي ناڪام بڻائي بين الصوبائي گروهه جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي پوليس 5 ڪلاشنڪوف، 25 پسٽل، 4 ھزار ايس ايم جي گوليون ۽ 59 مئگزين ھٿ ڪري ورتا آھن.. پليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ رحيم يار خان واسي محمد واجد لوھار ۽ ڪي پي جي علائقي نوشھرا واسي افرات شاهه شامل آهن. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 2 جوابدار جي ايل آءِ ڪار ذريعي لاھور کان ڪراچي ڏانهن اسلحو اسمگل ڪري رھيا ھئا ۽ ڳجھي اطلاع تي ٻٻرلوءِ جي قومي شاهراهه پلھه مائنر وٽ ناڪابندي ڪري ھڪ ڪار کي روڪ جهڙتي ورتي جنهن مان 5 ڪلاشنڪوف، 25 پسٽل، ۽ 4 ھزار گوليون هٿ ڪيون ويون جڏهن ته ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو ڪارروائي ڪندڙ پوليس پارٽي کي ڪيش انعام ۽ تعريف سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.