ڪوٽڙي (ن ع آ ) ڪوٽڙي ۾ پاڪستان نوجوان تحريڪ طرفان غير قانوني ترسيل پرڏيهين جي نيڪالي نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، عبدالستار لهر، نظير بليدي، عرس رند، مرتضا نوحاڻي، شهباز ميمڻ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته نگران حڪومت جي اعلان باجود ڊي سي ۽ ايس ايس پي ڄامشورو افغانين جي پٺڀرائي ڪري رهيا آھن، غير قانوني طور ترسيل افغانين خلاف هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته ضلعي انتظاميا نٿي چاهي افغانين کي نيڪالي ڏني وڦي، اڳواڻن چيو ته نگران حڪومت طرفان ڏنل ڊيڊ لائين کي 11 ڏينهن گذري چڪا آھن پر ڪوٽڙي سائيٽ ۽ ضلعي ڄامشوري ۾ رهندڙ هزارين افغانين جي نيڪالي وارو عمل شروع نه ٿيو آهي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ويو ته غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي نيڪالي وارو عمل شروع ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.