ڪراچي(م ڊ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪنهن کي زبردستي آندو ويو ته حڪومت نه هلندي، اليڪشن ۾ پنڪچر ڪيا ويا ته گهڻو نقصان ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم لاڙڪاڻي جو هجي يا لاهور جو، لٺ سان نه، ووٽ وسيلي روڪيو. خورشيد شاهه چيو ته جيل نه وڃڻ سان نواز شريف جو قد وڏو نه، ننڍو ٿيو آهي. پيپلز پارٽي اڳواڻ چيو ته نگران حڪومت ۾ نواز ليگ هوندي ته ليول پليئنگ فيلڊ ڪيئن هوندي؟