ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال جي قائد اعظم ڪالوني ۾ غير قانوني اڏاوت نه ڊاهڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمن تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس نديم اختر چيو ته شهر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي هن جي ذميواري ايس بي سي اي تي آهي، شهر ۾ هر جگهه غيرقانوني اڏاوتون آهي، جسٽس نديم اختر وڌيڪ چيو ته فبيروري ۾ ٻڌايو ويو ته غير قانوني اڏاوتون ختم ڪيون ويون آهن. عدالت چيو ته ايس بي سي اي درست نه ٿي آهي ته اسان ڪرايون، جي ايس بي سي اي اوڀر جي ڊائريڪٽر چيو ته منهنجي ڪجهه ڏينهن اڳ پوسٽنگ ٿي آهي. جسٽس عبدالرحمٰن رمارڪس ۾ چيو ته خبردار عدالت ۾ اڳتي ڪو آفيسر ايئن نه چئي ته منهنجي ڪجهه اڳ مقرري ٿي آهي.جڏهن کان عهدو تي آيا آهيو اوهان جي ذميواري شروع ٿي وئي آهي. ايس بي سي اي جي وڪيل چيو ته ڊي سي ۽ ڪمشنر کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي هدايت ڪئي وڃي.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته ضروري آهي ته عدالت هدايت ڪري اداري هڪ ٻئي سان سهڪار چيو نٿا ڪن.عدالت اڏاوت ختم ڪرائي ڊي جي ايس بي سي سميت ٻين کان 12 ڊسمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.