لاهور (عوامي آواز نيوز ) نواز شريف ايندڙ هفتي بلوچستان جي دوري تي ڪوئيٽا پهچندو، جتي ڪيترائي اهم اڳواڻ خاص طور جيڪي پنهنجن تڪن ۾ چونڊ کٽڻ جي حيثيت رکن ٿا اهي (ن) ليگ ۾ شموليت ڪندا.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته (ن) ليگ هڪ ڊگهي فهرست تيار ڪئي آهي۽ دعويٰ ڪئي آهي ته اٽڪل 25 کان وڌيڪ بلوچستان جا اڳواڻ جن ۾ ڄام ڪمال، عبدالقدوس بزنجو، عبدالرحمان کيتران، محمد خان جمالي ۽ ٻيا شامل آهن اهي (ن) ليگ ۾ شموليت اختيار ڪندا.
اهڙي طرح دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڏکڻ پنجاب جا به اهم اڳواڻ (ن) ليگ سان رابطي ۾ آهن ۽ اهي به (ن) ليگ ۾ شموليت ڪندا.
ڪي پي ڪي ۾ نواز شريف ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جي يو آءِ ۽ اي اين پي سان به چونڊ اتحاد ڪيو وڃي . ان ڏس ۾ ابتدائي رابطن ٿيڻ جي به دعويٰ ڪئي پئي وڃي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 11 نومبر 2023 تي شايع ٿي