جسٽس مظاهر مفروضن ۽ افواهن تي ٻڌل جواب ڏنو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي نقوي جڊيشل ڪائونسل جي شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ ڪرپشن  سميت مختلف الزامن جا جواب ڏيڻ يا وضاحت ڪرڻ بدران جڊيشل ڪائونسل جي چيئرمين  چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، سينيئر ميمبر جسٽس طارق مسعود ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس نعيم افغان تي مخالف هجڻ جا الزام مڙهي ڇڏيا.

نامياري صحافي عبدالقيوم صديقي چيو ته جسٽس مظاهر نقوي لکت ۾ ڏنل جواب ۾ چيو آهي ته منهنجي سپريم ڪورٽ ۾ مقرريءَ جو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مخالف هو.

نامياري صحافي مطيع الله جان چيو ته جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس سردار طارق مسعود اسان صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران جسٽس مظاهر نقوي جو نالو ئي نه ورتو هو ۽  نه ئي ذڪر ٿيو هو.

مطيع الله  چيو ته مون  چيو ته بهتر بيڪٽر يا به ضروري آهن ته جسٽس سردار طارق مسعود  چيو ته اسان بيڪٽريا چونڊي چونڊي ماريندا آهيون.

نامياري صحافي طيب بلوچ جو چوڻ هو ته جسٽس مظاهر نقوي جي جواب جي ڪابه قانوني اهميت نه آهي صرف مفروضن افواهن ۽ ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي ٻڌل جواب ڏنو ويو آهي. نامياري صحافي حسنات ملڪ چيو ته جسٽس مظاهر نقوي معاملي کي مارچ تائين اينگهائڻ جي ڪوشش ڪندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 11 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.