اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ٻين خلاف ٺٽي واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. احتساب عدالت آصف زرداري سميت 15 جوابدارن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. جوابدارن ۾ اڳوڻو سيڪريٽري اعجاز احمد خان، علي اڪبر، اعجاز ميمڻ، شامل آهن. خواجا عبدالغني مجيد، مناهل مجيد ۽ عبدالنديم ڀٽو به طلب ڪيل جوابدارن ۾ شامل آهن. احتساب عدالت جي جج محمد بشير سمورن جوابدارن کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جوابدارن کي 18 ڊسمبر تي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.