ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 20 سالن جي نينگري تانيه جي آزادي جي حوالي سان درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، نينگري آزاد نه ڪرائڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس امجد علي سهتو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته روزانو اچي ٻڌايو وڃي ته ڇوڪري کي ڪهڙي ڪهڙي جاءِ تي ڳوليو ويو آهي، اسان کي رڪارڊ ڏنو وڃي، جاچ آفيسر رڪارڊ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، عدالت ايس ايس پي کي روسٽرم تي گهرايو، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ٻه هفتن ۾ ڇوڪري نه ملي ته اسان آءِ جي سنڌ سميت ٻين کي طلب ڪنداسين، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هڪ ڇوڪري کي آزاد نٿو ڪرايو وڃي، درخواستگذار چيو ته اسان کي خدشو آهي ته اسان جي ڌيءَ کي ان جو مڙس گم ڪيو آهي.