نگران وڏي وزير جي انسٽيٽيوٽ آف ٽورازم اينڊ هوٽل مئنيجمينٽ جي ڪنوينشن ۾ شرڪت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ٽورازم اينڊ هوٽل مئنيجمينٽ  جي ڇهين سالياني ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي ميزباني نگران صوبائي وزير سياحت، ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي ارشد ولي محمد ڪئي. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ صوبي جي معاشي صورتحال ۾ سياحت جي شعبي جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. تعريفي نشان پيش ڪندي سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير کي يادداشت نامو پيش ڪيو ويو. وڏي وزير ذاتي طور تي شاگردن جي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو اعتراف ڪندي سندن حوصلا افزائي ڪئي.

  • بلوچستان جي قوم پرستن سميت ڄام ڪمال سان رابطا آهن:اياز صادق

ڪوئيٽا(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ميان نواز  شريف ڪارڪنن سان ملاقات لاءِ جلد ڪوئٽا جو دورو ڪندو، ڏکئي وقت ۾ پارٽي جو ساٿ ڏيندڙن کي ترجيح ڏني ويندي. تڪ بندين جو عمل جاري آهي، انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان پوءِ اليڪشن جو اعلان ٿيندو. ڪوئيٽا ۾  پريس ڪانفرنس هن چيو ته مان پارٽي ڪارڪنن، اڳوڻن پارليامينٽ ميمبرن ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرڻ آيو آهيان بلوچستان جي قوم پرست پارٽين سميت اڳوڻي وزيراعليٰ ڄام ڪمال سان پڻ رابطو آهي

  • بلوچستان مان سياستدانن  جو وڏو انگ ن ليگ ۾ شموليت لاءِ تيار

ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي علائقي بارکهان ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ۾ نامزد جوابدار سردار عبدالرحمان کيتران سميت بلوچستان جي اڳوڻي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن مسلم ليگ ن ۾ شموليت جو ارادو ڪري ورتو آهي. نواز شريف جي وطن واپسي کانپوءِ مسلم ليگ ن سڄي ملڪ ۾ سياسي جلسا ۽ چونڊن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن،  پارٽي قيادت جي هدايتن تي قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر ۽ سينيئر ن ليگ اڳواڻ سردار اياز صادق ڪوئيٽا پهتو، جتي اڳوڻي وزيرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ بلوچستان جي اهم سياسي شخصيتن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏنو. ان کان علاوه حاجي محمد خان لهڙي، محمد خان اتمان خيل، نواب چنگيز مري، مير مجيب الرحمان حسني، مير وسيم شيرواڻي، سردار مسعود لوني ۽ نور محمد دمڙ پڻ سردار اياز صادق سان ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي اڳوڻي ميمبر مير دوست ڊومڪي ۽ بلوچستان جي اڳوڻي ايم پي اي ربابه خان بليدي به ملاقات ڪئي. اڳوڻي اسپيڪر سان مير شوڪت بنگلزئي، برڪت رند، سردار علي حيدر حسني، مير عالم دين مظهري، طارق مسوري بگٽي، مير عطاءُ الله بليدي ۽ سحر گل خلجي به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شخصيتن نواز شريف جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي مسلم ليگ ن ۾ شموليت جو اشارو ڏنو.

  • چلي،ڪولمبيا ۽ بوليويا طرفان اسرائيل سان سفارتي ناتا ختم

ميڪسيڪو سٽي (م ڊ) لاطيني آمريڪا جي ملڪن چلي،ڪولمبيا ۽  بوليويا غزه ۾ اسرائيل جي فوج طرفان جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿيڻ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف احتجاج ڪندي اسرائيل سان سفارتي ناتا ختم ڪري ڇڏيا آهن.بوليويا جي صدر لوئس آرس جي انتظاميه هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان غزا پٽي تي حملا بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا جنهن ۾ هاڻي تائين هزارين شهرين جون حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ لکين فلسطينين کي زبردستي بي گهر ڪيو ويو آهي.

  • ڊيٿ اسڪواڊز کي اختر مينگل سان ناهي ڳنڍيو: سرفراز بگٽي

اسلام آباد (بيورو+اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي، ته هن ڊيٿ اسڪواڊز جي ذڪر ۾ بي اين پي مينگل ۽ سردار  اختر مينگل جو ڪٿي به نالو ناهي ورتو. اختر مينگل گذريل پنجن سالن دوران حڪومتن جو حصو رهيو آهي. هن ان وقت لاپتا ماڻهن جو مسئلو ڇو نه اٿاريو؟ اربع ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر محمد قاسم جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته بي اين پي مينگل لاپتا ماڻهن ۽ ڊيٿ اسڪواڊز جي معاملي تي ڌرڻو ڏنو.  هن چيو ته ڊيٿ اسڪواڊز ۾ بي ايل اي شامل آهي، جنهن 5 هزار بيگناهه شهرين کي شهيد ڪيو آهي. بلوچستان ۾ پنجابين، استادن، پروفيسرن ۽ ڊاڪٽرن کي شهيد ڪيو ويو آهي

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.