حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو آهي ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي واپس موڪلڻ لاءِ سنڌ حڪومت 4 ارب روپيا رکيا آھن، رقم رکڻ باوجود افغانين سميت ٻين پرڏيهين کي واپس موڪلڻ لاءِ ڪي اثرائتا قدم نه کنيا ويا آھن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، نور احمد ڪاتيار، اوڀايو جوڻيجو ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ افغاني واپس وڃڻ بدران ڪاروبار پيا ڪن ۽ ضلعي انتظاميا کين گرفتار ڪرڻ توڙي ڪاروبار بند ڪرائڻ لاءِ تيار ناھي. هنن چيو ته ڪراچي سميت ضلعن ۽ تعلقن جي پوليس آفيسر ۽ انتظاميا کان روزاني جي بنياد تي ڪارڪردگي رپورٽ وٺي عوام کي آگاھ ڪيو وڃي. افغان بستيون اڃان به قائم آھن. اڳواڻن پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته غيرقانوني پرڏيهين جون ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن. نادرا طرفان لکين افغانين ۽ ٻين غيرملڪين جا ڪوڙا ٺھيل سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ ۾ پرڏيهين خلاف ڪوڙو آپريشن ڪيو پيو وڃي جيئن ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ جو ڪوڙو ڊرامون رچائي ماڙي جلباڻي ۾ چار بيگناھه ماڻھو شھيد ڪيا ويا، پريا ڪماري سميت ٻيا مغوي بازياب ناهن ڪرايا ويا. اڳواڻن چيو ته افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جي نيڪالي ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي ڌاڙو ھڻڻ خلاف 5 نومبر تي ميرپورخاص ۾ پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان جلسو ڪيو ويندو.