زوب ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( م ڊ ) زوب ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز زوب جي علائقي سمبازا ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران دهشتگردن ۽ سڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.