حيدرآباد ۾ گهر ۾ ڪم ڪندڙ 13 ورهين جي نينگري اغوا، وارثن جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي علائقي علي نگر جي رهواسي اوڏ برادري جي 13 ورهين جي نياڻي مبينه 3 ڏينهن اڳ علمدار چوڪ  وٽان گهر ايندي نامعلوم ماڻهن پاران مبينه اغوا ڪرڻ خلاف نينگريءَ جي وارثن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ اغوا ٿيندڙ نياڻي نشاء، پيءُ گنگارام ۽ سندس ماءُ شانتي دانهيندي چيو ته سندن 13 سالن جي نياڻي نشاءَ عملدار چوڪ وٽ هڪ گهر ۾ پورهيو ڪندي هئي، 3 ڏينهن اڳ هوءَ گهران رواني ٿي هئي، رستي تان کيس اغوا ڪيو ويو آهي، اهڙي رپورٽ ڀٽائي نگر ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر هن وقت تائين پوليس نياڻيءَ کي بازياب ڪرائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي ۽ نه وري اغوا ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ٿو وڃي. هنن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي. 17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.