ڪراچي (م ڊ ) نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر جو چوڻ آهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پهرين 3 مهينن ۾ آءِ ايم ايف جي هدف کان وڌيڪ رقم جمع ڪئي آهي، حڪومت هلائڻ لاءِ رقم جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران ناڻي واري وزير چيو ته ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي، معيشت جي بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. نگران ناڻي واري وزير چيو ته معاشي مسئلن جو حل پهرين ترجيح آهي، نگران حڪومت مسئلن کي جلد ئي سڃاڻي ورتو. حڪومت جي قدمن سان معاشي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. شمشاد اختر چيو ته بحرانن باوجود معيشت کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪرنسي جو غلط استعمال غير قانوني آهي، ان کي روڪڻ حڪومت جي ذميواري آهي، زرعي شعبي تي ڌيان ڏئي معاشي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته اهو نه ٿو چوان ته مهانگائي جو خاتمو ٿي ويو آهي، مهانگائي تي ڌيان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.