اسلام آباد ( م ڊ ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين ملڪ زبير چيو آهي ته اينٽي اسمگلنگ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ ٻين ادارن جو به ڪردار آهي. هڪ بيان ۾ ملڪ زبير چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته نان فائلرز کان وڌيڪ ٽيڪس وٺي ڇڏيو ويندو آهي. نان فائلرز کان وڌيڪ ٽيڪس به وٺي رهيا آهيون ۽ انهن کي سسٽم ۾ آڻي رهيا آهن. هن چيو ته قانون موجب ريٽرن فائل ڪرڻ هر ڪنهن جي ذميواري آهي، آٽوميٽڪ ٽيڪس مينيجمينٽ سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا. هن چيو ته 23-2022ع ۾ 50 لک ريٽرن فائل ڪيا ويا آهن، وسيلن جي کوٽ آهي، ان ڪري نان فائلرز تائين پهچڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.