اسلام آباد ( م ڊ ) استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جي صدر عبدالعليم خان اعلان ڪيو آهي ته 300 يونٽ کان گهٽ استعمال ڪندڙن لاءِ بجلي مفت هوندي، موٽر سائيڪل سوارن کي پيٽرول اڌ اگهه تي ڏنو ويندو. جهانيان ۾ آءِ پي پي پاران جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پارٽي سربراهه جهانگير ترين ۽ عبدالعليم خان خطاب ڪيو. هن چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ اسان خوبصورت پاڪستان ٺاهڻ جو سوچيو، اسان 8 سالن کان ڏينهن رات ڪم ڪيو، چوندا هئا جيئن شوڪت خانم اسپتال ٺاهي، اهڙي طرح خوبصورت پاڪستان ٺاهينداسين، هن چيو ته اسان جي محنت جي نتيجي ۾ 2018 تحريڪ انصاف اقتدار ۾ آئي، پنجاب ۾ ڊي سيز 2 ڪروڙ ۽ ڪمشنرن 5 ڪروڙ ۾ لڳندا هئا. ن ليگ ۽ پ پ تي تنقيد ڪندي عليم خان چيو ته ن ليگ 7 ڀيرا پنجاب ۾ آئي آهي ۽ چون ٿا اسان کي هڪ ٻيو موقعو ڏيو، پيپلز پارٽي 15 سالن کان سنڌ ۾ آهي پر ٿر جي صورتحال خراب آهي. سنڌ جي عوام کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ناهي، آءِ پي پي جي منشور جو اعلان ڪندي عليم خان چيو ته ساڍا 12 ايڪڙ تائين هارين لاءِ ٽيوب ويل بجلي مفت هوندي، سمورين يونين ڪائونسلن ۾ فلٽريشن پلانٽ لڳايا ويندا، نوجوانن کي بنا ڪنهن ڪم جي شروع ڪرڻ لاءِ قرض ڏنا ويندا. اسان جو منشور آهي ته حڪومت 300 يونٽن جا بل ادا ڪندي. هن چيو ته ڪچين آبادين کي مالڪي جا حق ڏنا ويندا، موٽرسائيڪل سوارن کي اڌ اگهه تي پيٽرول ڏنو ويندو، عورتن کي بااختيار بڻائڻ گهر وٺي روز گار فراهم ڪيو ويندو.