ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ معلومات تائين پهچ واري قانون تي عمل ڪرڻ لاءِ سنڌجي مختلف سرڪاري کاتن جي 60سيڪريٽرين ۽ سربراهن جي خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي .درخواست جي ٻڌڻي سومر ڏينهن ٿيڻ جو امڪان آهي .درخواستگذار ايڊووڪيٽ مرتضيٰ کهڙي چيو آهي ته مختلف کاتن جي سيڪريٽرين ۽ سربراهن هاءِڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو .سنڌهاءِڪورٽ 23آگسٽ سموران کاتن کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو .ڪجهه سيڪريٽرين بايوميٽرڪ جي بغير اسٽيمپ پيپرتي بيان ڏئي ڇڏيو آهي .