وڏيرا شاهي جون ڳالهيون ڪندڙ ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا: قادر پٽيل

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) اڳوڻي وفاقي وزير صحت قادر پٽيل بلاول هائوس جي ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن وقت هڙتال واري سڏ ڏيڻ وارو وقت توڙي ڀتا خوري ۽ بوريون بند لاش ڏيڻ وارو وقت ختم ٿي چڪو آهي. جيڪي وڏيرن جي قبضي جي ڳالھ ڪن ٿا. اهي پاڻ ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. پر انهن جو اهو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. سنڌ جي وڏيرن جي ڳالھ ڪندڙ پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ انتشار نه ڦهلايو وڃي، هن چيو ته عدالتن مان پي ٽي آئي کي مسلسل رليف مليو پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس کي نٿو ٻڌو وڃي. سندس چوڻ هو ته نوازشريف لاءِ دعا ئي ڪري سگهجي ٿي. باقي ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ئي ٿيندو،ڪياماڙي پي ايس پي جي ابرار. عمر ۽ ٻين يوسي ڪائونسلرن پ پ م شموليت اختيار ڪئي آهي. ان موقعي تي اڳوڻو صوبائي وزير لياقت آسڪاني چيو ته ضلعي ڪياماڙي جي مختلف يوسي جي پي ايس پي. ايم ڪيو ايم پي ٽي آء جي ڪائونسلرن پ پ ۾ شموليت ڪئي آهي کين ڀليڪار چئون ٿا. ڪيترن ئي سياسي پارٽين جي اڳواڻن پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن. ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ پ پ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.